اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پهرين اقتصادي آدمشماري هڪ عظيم سنگ ميل ۽ پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ هڪ عظيم بنياد آهي جيڪو پاليسي سازي، سيڙپڪاري، روزگار، مالي وسيلن ۽ سماجي خدمتن سميت سمورن شعبن ۾ انقلاب آڻڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، آدمشماري ذريعي حاصل معلومات کي استعمال ۾ آڻي اڏام پاڪستان جي …
پهرين اقتصادي آدمشماري هڪ عظيم سنگ ميل ۽ پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ هڪ عظيم بنياد آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پهرين اقتصادي آدمشماري هڪ عظيم سنگ ميل ۽ پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ هڪ عظيم بنياد آهي جيڪو پاليسي سازي، سيڙپڪاري، روزگار، مالي وسيلن ۽ سماجي خدمتن سميت سمورن شعبن ۾ انقلاب آڻڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، آدمشماري ذريعي حاصل معلومات کي استعمال ۾ آڻي اڏام پاڪستان جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ ۽ 2035ع تائين ملڪي معيشت کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻائڻ جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، معاشي آدمشماري سان غير رسمي شعبن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ، ايس ايم ايز لاءِ پاليسي سازي ۽ ايڪسپورٽ جي صلاحيت وارن ادارن کي مدد جي فراهمي ۾ مدد ملندي. ملڪ جي پهرين اقتصادي آدمشماري جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اڄ پهرين اقتصادي آدمشماري جاري ٿي رهي آهي، اقتصادي رٿابندي لاءِ درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل اقتصادي ڊيٽا بنيادي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ان جي بنياد تي پاليسي سازي ٿيندي آهي، بنگلاديش هن وقت تائين ٽي ۽ اسان جا پاڙيسري ملڪ 7 اقتصادي راءِ شماري ڪري چڪا آهن، مستقبل جو دور مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل معيشت جو آهي ۽ ان لاءِ بنيادي ٻارڻ ۽ ڪچو مال ڊيٽا هوندو آهي. جيڪڏهن درست ڊيٽا موجود نه هجي ته مصنوعي ذهانت به پنهنجو ڪم نٿي ڪري سگهي، اسان لاءِ اها ڳالهه سٺي آهي ته اڄ اسان ملڪ جي پهرين اقتصادي آدمشماري جاري ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ اسان پاڪستان شمارياتي بيورو جي انتظاميه ۽ ٽيم، رٿابندي واري وزارت ۽ ان سان جڙيل سمورن ماڻهن کي مبارڪون ڏيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته راءِ شماري ۾ 4 ڪروڙ اسٽرڪچرز (عمارتون) جي جيو ٽيگينگ ٿي آهي جنهن لاءِ اسپارڪو کان مدد حاصل ڪئي وئي، ان سان گڏوگڏ سيٽلائيٽ تصويرن ذريعي انهن جي تصديق پڻ ڪئي پئي وئي ته جيئن وڌ کان وڌ اعتبار جوڳي معيارکي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته راءِ شماري مان معلوم ٿيو ته 72 لک جي لڳ ڀڳ ادارا معاشي يا معاشي سرگرمين سان ڳنڍيل آهن، هر اداري کي صنعتي ڪوڊ سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن پاليسي سازي ۽ ڪاروباري طبقو ان مان فائدو کڻي سگهي ۽ ڊيٽا جي بنياد تي فيصلا ڪري سگهي. ان راءِ شماري مان اسان کي سائنسي بنيادن تي رٿابندي جا بنياد فراهم ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته هي راءِ شماري صرف صنعتي ۽ ڪاروباري ادارن تائين محدود ناهي پر گهريلو سطح تي ٿيل معاشي سرگرمين جو احاطو به ڪري ٿي. آدمشماري مان معلوم ٿيو آهي ته چار ڪروڙ عمارتن مان هڪ ڪروڙ اهڙا گهر آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ معاشي سرگرمين سان جڙيل آهن. ان سان ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي ملڪ ۾ ترقي ڏيڻ ۾ معلومات ۽ مدد ملندي. اها معلومات عورتن جي معاشي ڪردار ۽ کين بااختيار بڻائڻ ۾ به مددگار آهي ڇاڪاڻ ته ان مان خبر پوي ٿي ته عورتون ڪهڙي طرح معاشي سرگرمين سان ڳنڍيل آهن. ان سان عورتن لاءِ ٺهندڙ پروگرامن ۽ منصوبن تي ٻڌل هدف بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته اقتصادي سروي مان خبر پوي ٿي ته 72 لک ادارن مان 27 لک ادارا ريٽيل، هڪ لک 88 هزار هول سيل جو ڪاروبار، 8 لک 25 هزار ادارا مختلف خدمتون ۽ 23 هزار فيڪٽريون پيداوار ڏئي رهيون آهن. اهڙي طرح 6 لک 43 هزار پيداواري يونٽس پيداواري سرگرمين ۾ مصروف آهن، مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته ڪل 42.8 لک ادارا بڻجي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن سان انهن جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته اتي اٽڪل 2.5 لک ڪمپنيون آهن، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اقتصادي آدمشماري پاڪستان لاءِ ڪيترا امڪان ۽ موقعا کڻي آئي آهي. ان سان پوري ملڪ جو اقتصادي منظر نامو اسان جي سامهون آيو آهي، ان سان ڪاروبار کي باضابطه بڻائڻ، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان قيمتي معلومات ملي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ٺوس پاليسي سازي ۽ ڊيٽا کانسواءِ ممڪن ناهي، ان کانسواءِ اسان جي ترقي جا منصوبا نه رڳو اڌورا پر عدم توازن جو شڪار به ٿيندا. متوازن ترقي لاءِ اها معلومات اهم اهميت رکندڙ آهي ته جيئن ملڪ جي اقتصادي منظرنامي ۾ خال جي نشاندهي ڪري سگهجي ۽ ان تي ضابطو آڻي سگهجي، انهي ڊيٽا جي بنياد تي ترجيحن ۽ وسيلن جي ڪاٿي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته معاشي آدمشماري ۾ غير رسمي شعبن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ، ايس ايم ايز لاءِ پاليسي سازي ۽ ايڪسپورٽ جي صلاحيت وارن ادارن کي مدد جي فراهمي ۾ مدد ملندي. احسن اقبال چيو ته معاشي آدمشماري سان سماجي شعبي جي حوالي سان به اهم معلومات ملي آهي، ملڪ ۾ 2 لک 42 هزار اسڪول موجود آهن، مدرسن جو انگ 36 هزار 331 آهي، 11568 ڪاليج آهن جڏهن ته 241 يونيورسٽيون آهن، اهڙي طرح ملڪ ۾ هڪ لک 19 هزار صحت جا مرڪز آهن. عبادتگاهن جو انگ 6 لک کان وڌيڪ آهي، ان معلومات مان صوبائي حڪومتن جي گهرج ۽ پهچ وچ ۾ خال کي گهٽ ڪرڻ پر شفاف ۽ موثر سماجي سيڙپڪاري ۾ مدد ملندي جڏهن ته بهترين گورننس، خدمتن جي فراهمي ۽ احتساب ۾ به هي مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته هي هڪ عظيم سنگ ميل ۽ پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ هڪ عظيم بنياد آهي جيڪو پاليسي سازي، سيڙپڪاري، روزگار، مالي وسيلن ۽ سماجي خدمتن سميت سمورن شعبن ۾ انقلاب آڻڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان معلومات کي استعمال ۾ آڻي اڏام پاڪستان جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ ۽ 2035ع تائين ملڪي معيشت کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻائڻ جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.











