سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي حوالي سان اجلاس

ڪراچي - 20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس پاران جاري پڌرائي موجب سنڌ جي وڏي وزير مختلف ادارن کان پاڻي جي نيڪالي ۽ عوام جي مدد جي حوالي سان بريفنگ ورتي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڃا به ڪراچي ۾ برساتن جي اڳڪٿي آهي جنهن جي لاءِ …

ڪراچي – 20 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس پاران جاري پڌرائي موجب سنڌ جي وڏي وزير مختلف ادارن کان پاڻي جي نيڪالي ۽ عوام جي مدد جي حوالي سان بريفنگ ورتي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڃا به ڪراچي ۾ برساتن جي اڳڪٿي آهي جنهن جي لاءِ بلدياتي ادارا تيار آهن. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي بلديات واري وزير ۽ ڪراچي جي ميئر هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ هنن ٻڌايو ته ڪالهه جي برسات تمام گهڻي هئي جنهن جي ڪري رستا تلاءُ بڻجي ويا، برسات بند ٿيڻ کانپوءِ شهر مان پاڻي جي نيڪالي شروع ڪئي وئي هئي. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي ٻڌايو ته 40 ٻار فاسٽ يونيورسٽي ۾ ڦاٿل هئا انهن کي سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ريسڪيو ڪرايو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته بلدياتي ادارا، واٽر بورڊ ۽ انتظاميا پوري رات ڪم ڪندي رهي، گلبائي، ماڙيپور، گلشن زون، عائشه منزل، شاهراهه پاڪستان، گلبرگ، ڪمشنر آفيس، هاءِ ڪورت، سيڪريٽريٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالمي اوڍو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي پوليس بشمول ٽريفڪ پوليس برسات دوران بهتر انداز ۾ ٽريفڪ کي هلايو. ضلعي ڏکڻ ڪيپري سئنيما، شاهراهه لياقت، ايم اي جناح روڊ ۽ ضلعي شرقي ۾ بهادر آباد، پي اي ايف برج ڊالميا، لسٻيلا چوڪ، جهانگير روڊ، عائشه منزل، ڪريم آباد، ضلعي غربي ۾ پي ٽي سي گيٽ، ڊابا موڙ، ملير، نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ مئنيج ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ڪي پي ٽي، سب ميرين انڊر پاس، سنڌ اسيمبلي، لياقت آباد انڊر پاس، ناظم آباد انڊر پاس، ڪي فور چورنگي، ڪورنگي، قيوم آباد چورنگي، ڪيماڙي نيٽي جيٽي تي جوهر چورنگي ۽ ملير ۾ فلڪ ناز ايئرپورٽ تي پي ڊي ايم اي 26 ڊي واٽرنگ پمپس هنيا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئون ڪنهن به وقت شهر جو دورو ڪندس، مون کي سمورا ادارا عوام جي مدد ۽ شهر جي پاڻي جي نيڪالي جي حوالي سان متحرڪ نظر اچن. هن چيو ته هي ٽيم ورڪ آهي، اسان سڀني کي گڏجي عوام جي خدمت ۽ خيال رکڻو آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، سعيد غني، مخدوم محبوب الزمان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، سي اي او واٽر بورڊ احمد صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.