سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر پاران سنڌ هاءَ ڪورٽ جي جسٽس محمود اي خان، جسٽس محمد سليم جيسر، جسٽس ارباب علي هڪڙو ۽ ٻين ججن جي مان ۾ چانهه پارٽي منعقد

سکر - 20 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر گذريل ڏينهن معزز ججن جسٽس محمود اي خان، جسٽس محمد سليم جيسر، جسٽس ارباب علي هڪڙو، جسٽس امجد علي ٻوهيو، جسٽس خالد حسين شاهاڻي ۽ جسٽس نثار احمد ڀنڀرو جي مان ۾ چانهه پارٽي منعقد ڪئي. ان موقعي تي ججن بار ايسوسيئيشن جي سينيئر وڪيلن سان ڳالهائيندي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي آزادي لاءِ هاءِ …

سکر – 20 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر گذريل ڏينهن معزز ججن جسٽس محمود اي خان، جسٽس محمد سليم جيسر، جسٽس ارباب علي هڪڙو، جسٽس امجد علي ٻوهيو، جسٽس خالد حسين شاهاڻي ۽ جسٽس نثار احمد ڀنڀرو جي مان ۾ چانهه پارٽي منعقد ڪئي. ان موقعي تي ججن بار ايسوسيئيشن جي سينيئر وڪيلن سان ڳالهائيندي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي آزادي لاءِ هاءِ ڪورٽ بار سکر اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، سکر بار هميشه ججن کي محبت ڏني آهي، قانون جي بالادستي واري مقصد ۾ وڪيل برادري جو اهم رول آهي، عدليه جي آزادي لاءِ سکر هاءِ ڪورٽ بار جيڪي قربانيون ڏنيون اهي ڪنهن کان لڪل ناهن، جونيئر وڪيل به اڻ ٿڪ محنت ۽ همٿ ۽ حوصلي واري جذبي سان ڪم ڪن، ان دوران اتي آيل معزز ججن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا. تقريب ۾ پاڪستان جوڊيشل ڪائونسل ميمبر / سکر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر قربان ملاڻو، جنرل سيڪريٽري آچر خان گبول، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل علي رضا بلوچ، رخسار احمد جوڻيجو، ارشاد ڌاريجو، رضوانا ميمڻ، اعجاز احمد سپرا ۽ ٻين وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.