بسنت هال ڪلچرل سينٽر حيدرآباد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 282 هين عرس جي تقريب 22 آگسٽ تي منعقد ٿيندي

حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) بسنت هال ڪلچرل سينٽر حيدرآباد پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 282 هين عرس جي تقريب 22 آگسٽ جمعي تي شام جو 6 وڳي منعقد ڪئي ويندي. ان موقعي تي صوفي موسيقي جي محفل به منعقد ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ ڪلچرل سينٽر جي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تقريب ۾ ذوالفقار قريشي، شبنم گل، پروفيسر ڪي ايس ناگپال ۽ عطا …

حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) بسنت هال ڪلچرل سينٽر حيدرآباد پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 282 هين عرس جي تقريب 22 آگسٽ جمعي تي شام جو 6 وڳي منعقد ڪئي ويندي. ان موقعي تي صوفي موسيقي جي محفل به منعقد ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ ڪلچرل سينٽر جي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تقريب ۾ ذوالفقار قريشي، شبنم گل، پروفيسر ڪي ايس ناگپال ۽ عطا چانهيو ڀٽائي جي فلسفي، لوڪ ڪهاڻين، شاعراڻي خدمتن ۽ اڄ جي دنيا جي حوالي سان پنهنجا خيال پيش ڪندا . جڏهن ته هڪ فلم جي به نمائش ٿيندي، آخر ۾ شاهه جا راڳي ۽ سهراب، رجب فقير شاهه لطيف جا ڪلام پيش ڪندا.