ٿرپارڪر -19 آگسٽ(اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ هڪ شخص فوت، 5 ڄڻا بيهوش، 18 ڍور مري ويا. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ پاسول ۾ وڄ ڪرڻ سبب تارو پٽ ارجن ڪولهي فوت ٿي ويو ۽ اسلام ڪوٽ ويجهو ٿرڪول ايريا جي ڳوٺ ابن جي تڙ ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعي ۾ 5 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن کاکنيار، مٺڙيو هاليپوٽو، ڊانڀاريو ۾ وڄ ڪرڻ …
ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ هڪ شخص فوت، 5 ڄڻا بيهوش، 18 جانور مري ويا
ٿرپارڪر -19 آگسٽ(اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ هڪ شخص فوت، 5 ڄڻا بيهوش، 18 ڍور مري ويا. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ پاسول ۾ وڄ ڪرڻ سبب تارو پٽ ارجن ڪولهي فوت ٿي ويو ۽ اسلام ڪوٽ ويجهو ٿرڪول ايريا جي ڳوٺ ابن جي تڙ ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعي ۾ 5 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن کاکنيار، مٺڙيو هاليپوٽو، ڊانڀاريو ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ وڌيڪ 18 چوپايو مال مري ويو، ٿرپارڪر ۾ هاڻوڪين برساتن دوران وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ مري ويل چوپايو مال جو انگ 116 ٿي ويو آهي.











