ڀارتي رياستي دهشتگردي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ مظلوم ڪشميري عوام تي ڀارتي ظلم جي سخت مذمت ڪريون ٿا: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي-05 آگسٽ (اي پي پي) توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪشمير جي استحصال واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته "5 آگسٽ 2019ع ڪشميري عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي سخت خلاف ورزي ڪندي والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو."هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو پنهنجن ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي …

ڪراچي-05 آگسٽ (اي پي پي) توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪشمير جي استحصال واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته "5 آگسٽ 2019ع ڪشميري عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي سخت خلاف ورزي ڪندي والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو.”هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو پنهنجن ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن. "اسان ڀارتي رياستي دهشتگردي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم جي سخت مذمت ڪريون ٿا.” سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان جا ماڻهو هر سطح تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪندا رهندا. "ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انشاءَ الله، اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو.” هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جو احترام ڪري ۽ ڪشميرين کي سندن حق خود اراديت فراهم ڪري. "ڪشمير استحصال جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ظلم ڪيترو به وڌي وڃي، سچ جي آواز کي ڪڏهن به دٻائي نٿو سگهجي. پاڪستان ڪالهه به ڪشميري عوام سان گڏ بيٺو هو، اڄ به بيٺو آهي ۽ هميشه بيٺو رهندو.