حيدرآباد-05 آگسٽ (اي پي پي)ضلعي انتظاميه حيدرآباد يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي هڪ شاندار ريلي جو اھتمام ڪيو جيڪا شہباز بلڊنگ کان پوسٽ ماسٽر جنرل چوڪ تائين ڪڍي وئي. ريلي جي قيادت ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ڪئي. ريلي ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ضلعي ۽ ٽريفڪ پوليس سميت ، مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن ۽ اهلڪارن، استادن ۽ اسڪولن جي شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.شرڪت …
ضلعي انتظاميه حيدرآباد پاران يومِ استحصال ڪشمير جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي
حيدرآباد-05 آگسٽ (اي پي پي)ضلعي انتظاميه حيدرآباد يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي هڪ شاندار ريلي جو اھتمام ڪيو جيڪا شہباز بلڊنگ کان پوسٽ ماسٽر جنرل چوڪ تائين ڪڍي وئي. ريلي جي قيادت ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ڪئي. ريلي ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ضلعي ۽ ٽريفڪ پوليس سميت ، مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن ۽ اهلڪارن، استادن ۽ اسڪولن جي شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ ڪشميرين جي حق ۾ پينافليڪس ۽ بينرز کنيل هئا جن تي "ڪشمير بني گا پاڪستان "پاڪ فوج زندہ باد” ۽ ٻيا نعرا لکيل هئا. ريلي دوران ڪشمير سان يڪجهتي جا قومي ۽ ملي نغمه هلايا ويا جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ڪشمير جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي پُرجوش نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ چيو ته ڪشمير جي مظلوم عوا سان جيڪو ظلم ۽ ستم ٿي رهيو آهي، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال ناهي. اسان ضلعي انتظاميه ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن سان گڏجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ رستن تي نڪتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان دنيا کي هڪ پرامن پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي منظور ڪيل قرارداد باوجود اڃا تائين حل نه ڪيو ويو آهي ۽ ظلم جاري آهن. عالمي برادري، خاص ڪري گڏيل قومن کي گهرجي ته هو پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائن ته جيئن ڪشميري عوام کي سندن بنيادي حق، حق خوداراديت ملي سگهي.











