اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڏاڍ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڪشميري عوام پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي بڻجي چڪي آهي، ڪشميري قيادت قيد ۾ آهي، گذريل 6 سالن ۾ ڀارتي عملدارن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي نقشي کي …
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڏاڍ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڏاڍ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ڪشميري عوام پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي بڻجي چڪي آهي، ڪشميري قيادت قيد ۾ آهي، گذريل 6 سالن ۾ ڀارتي عملدارن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي نقشي کي بدلائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران استحصال ڏهاڙي 5 آگسٽ 2025ع جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي 6 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. ان ڏينهن ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ ان کي ٻن نام نهاد ”يونين ٽيريٽريز“ ۾ ورهائي ڇڏيو هو ته جيئن ان جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي ڪمزور ڪري سگهجي. هن چيو ته گذريل 6 سالن ۾ ڀارتي عملدارن ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ علائقي جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي نقشي کي بدلائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جن ۾ چونڊ تڪبندين ۾ هٿ ٺوڪيون تبديليون، غيرڪشميرين کي ووٽر لسٽ ۾ شامل ڪرڻ، ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ، ليفٽيننٽ گورنر کي انتظامي معاملن ۾ وڌيڪ اختيار ڏيڻ ۽ زمين ۽ جائيداد جي ملڪيت بابت نوان قانون لاڳو ڪرڻ شامل آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڏاڍ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪشميري عوام کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي اختيار ڪميونٽي بڻجڻ جو خطرو آهي، ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت اڃا تائين قيد ۾ آهي. هن چيو ته معصوم شهرين کي ڌمڪيون، بنا جواز گرفتاريون ۽ نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي آپريشنز معمول بڻجي چڪا آهن، مقامي ميڊيا کي خاموش ڪيو ويو آهي ۽ ڪشميري عوام اظهار راءِ ۽ ميڙ جي آزادي کان محروم آهي، سڀ کان وڌيڪ اهو ته انهن کي پنهنجي خودمختياري جي حق جي استعمال کان روڪيو ويو آهي. صدر چيو ته ڀارت جي تازي جارحيت جي ڏس ۾ هلندڙ سال جو ”استحصال ڏهارو“ اڃا به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ”آپريشن بُنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي پاڪستاني عوام جي لاءِ فخر جوڳي آهي جڏهن ته هي ڏينهن ان ڳالهه جي پڻ ياد ڏياري ٿو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي جائز حق حاصل ڪرڻ تائين هر ممڪن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.











