گلگت-04 آگسٽ (اي پي پي)موسميات تبديليءَ واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت قدرتي آفتن خاص طور تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ خطرن جو مستقل ۽ پائيدار حل تلاش ڪرڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي، هن واضح ڪيو ته صرف هنگامي امداد ۽ پئسا ورهائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو پر زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻڻا پوندا، جيڪي ايندڙ نسلن …
وفاقي حڪومت ٻوڏ جي خطرن جو مستقل حل چاهي ٿي: مصدق ملڪ

مزید خبریں
گلگت-04 آگسٽ (اي پي پي)موسميات تبديليءَ واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت قدرتي آفتن خاص طور تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ خطرن جو مستقل ۽ پائيدار حل تلاش ڪرڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي، هن واضح ڪيو ته صرف هنگامي امداد ۽ پئسا ورهائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو پر زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻڻا پوندا، جيڪي ايندڙ نسلن کي محفوظ ماحول پيدا ڪري سگهن. ارلي وارننگ سسٽم جي جاري منصوبي کي ختم ڪري رهيا آهيون، ان جي جاءِ تي نئون آڻي رهيا آهن ته جيئن هو عوام ۽ حڪومت جي اميدن تي پورو لهي سگهي. هن اهڙو اظهار گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن جو چوڻ هو ته حڪومت اهڙن سمورن علائقن جي نشاندهي ڪري رهي آهي جتي ندي نالن، درياهه ڪنارن يا ڍنڍن جي ڀرپاسي غير قانوني اڏاوتون آهن، نالن تي گهر ٺهيل آهن ۽ ڍنڍن اندر هوٽل قائم ڪيا ويا آهن، هي ماحوليات جي لاءِ خطرو آهن. مصدق ملڪ چيو ته ان سمورن غير قانوني اڏاوتن جو ازالو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت لينڊ ريفارمز ذريعي متاثر ماڻهن لاءِ متبادل ۽ محفوظ هنڌن تي آبادڪاريءَ کي يقيني بنائيندي ته جيئن ماڻهن کي نقصان کان بچائي سگهجي ۽ قدرتي ماحول جو تحفظ پڻ ممڪن ٿئي. وفاقي وزير چيو ته ان قدمن جي رستي ۾ مختلف مافيا گروپن طرفان شديد دٻاءُ جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته هو ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ ملڪ جي ماحول ۽ قدرتي حسن کي بچائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ مون تي مافياز جو وڏو دٻاءُ رهيو پر اسان ڪنهن کي به ماحول خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هي صرف اڄ جو ناهي، اسان جي ايندڙ نسلن جو مسئلو آهي. مصدق ملڪ گلگت بلتستان ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ هاڻوڪن برساتن جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي وهڪرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هي سڀ قدرتي نظام جي بي ترتيبي جو نتيجو آهي ۽ ان جو بنيادي سبب انساني سرگرمين جي زيادتي، ٻيلن جي واڍي ۽ غير منصوبا بند تعميرات آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن سان گڏجي موسمياتي تبديلين جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ گڏيل لائحه عمل تيار ڪندي جنهن ۾ سائنس، ماحولياتي تحفظ ۽ پاليسي سازيءَ کي بنيادي حيثيت حاصل هوندي.











