نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ گوادر شپ يارڊ جي لاءِ زمين جي الاٽمينٽ جي حوالي سان اجلاس

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گوادر شپ يارڊ جي لاءِ زمين جي الاٽمينٽ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. دفاعي پيداوار واري وزارت گوادر شپ يارڊ جي منصوبي جي لاءِ دستياب مختلف زمين جا اختيار، آمدني جا ذريعا ۽ لاڳاپيل انگ اکر پيش ڪيا. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير …

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گوادر شپ يارڊ جي لاءِ زمين جي الاٽمينٽ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. دفاعي پيداوار واري وزارت گوادر شپ يارڊ جي منصوبي جي لاءِ دستياب مختلف زمين جا اختيار، آمدني جا ذريعا ۽ لاڳاپيل انگ اکر پيش ڪيا. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هدايت ڪئي ته ممڪن جاين جي ٿرڊ پارٽي کان پيشيواراڻي جاچ ڪرائي وڃي. هن مقامي نمائندن کي يقين ڏياريو ته  شپ يارڊ جي ترقي مقامي اتفاق راءِ سان ئي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير، دفاعي پيداوار، منصوبابندي ۽ ترقي، سامونڊي معاملن وارن وفاقي وزيرن، خاص معاون طارق باجوه، سامونڊي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، صوبائي اسيمبلي ميمبر هدايت الله ۽ گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين شرڪت ڪئي.