9 مئي جي ڪيسن جون سزائون قانون موجب ڏنيون ويون، 9 مئي جي واقعن ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا سڀني کي خبر آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي ڪيسن جون سزائون قانون موجب ڏنيون ويون، 9 مئي جي واقعن ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا سڀني کي خبر آهي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، قومي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي پنهنجو ڪيتو لوڙڻو پوندو، ميان اظهر جي لاڏاڻي سان سياسي خال پيدا ٿيو، مرحوم …

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي ڪيسن جون سزائون قانون موجب ڏنيون ويون، 9 مئي جي واقعن ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا سڀني کي خبر آهي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، قومي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي پنهنجو ڪيتو لوڙڻو پوندو، ميان اظهر جي لاڏاڻي سان سياسي خال پيدا ٿيو، مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب جي اڳوڻي گورنر ميان اظهر جي لاڏاڻي سان ملڪي سياست ۾ هڪ خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڪڏهن ڀرجي نه سگهبو. ميان اظهر جي والد ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي والد ميان محمد شريف جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا قائم هئا، ميان اظهر جو لاڏاڻو نه رڳو پاڪستان جي سياست پر هن ايوان جو پڻ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته لاهور جي سياست ۾ ميان اظهر جو هڪ موثر ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته جڏهن ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي والده محترمه جو لاڏاڻو ٿيو ته اسان عدالت کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي چيو ويو ته مٿان کان حڪم نه آهي، باني پي ٽي آءِ هر لمحي جي اپ ڊيٽ وٺندو هو. 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي ڏنل سزائن جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جهڙا واقعا تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا ويا. 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، ڪرنل شير خان شهيد جي مجسمي کي نقصان پچايو ۽ عسڪري ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، انهن 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو هاڻي انهن کي ڀوڳڻو پوندو، انهن کي قانون موجب سزائون ڏنيون ويون. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن تي قوم کان اڄ تائين معافي ناهي ورتي وئي، جن چهرن اهو سڀ ڪجهه ڪيو اهي سڀ سڃاتل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته اهو عدالت سان رجوع ڪري.