اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سينيئر اسرائيلي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري عملدارن ۽ هزارين اسرائيلي آبادڪارن پاران اسرائيل پوليس جي سيڪيورٽي ۾ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي کي جارحاڻو ۽ اشتعال انگيز قدم قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينيئر اسرائيلي عملدارن جي موجودگي ۽ انهن جي بيانن ۽ نفرت آميز اعلان ته …
پاڪستان پاران سينيئر اسرائيلي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري عملدارن ۽ هزارين اسرائيلي آبادڪارن پاران مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جارحاڻو قدم قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سينيئر اسرائيلي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري عملدارن ۽ هزارين اسرائيلي آبادڪارن پاران اسرائيل پوليس جي سيڪيورٽي ۾ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي کي جارحاڻو ۽ اشتعال انگيز قدم قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينيئر اسرائيلي عملدارن جي موجودگي ۽ انهن جي بيانن ۽ نفرت آميز اعلان ته ”ٽيمپل مائونٽ“ (القدس الشريف) اسان جو آهي“، سڄي دنيا ۾ مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ، ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ مسجد اقصيٰ جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي هڪ خطرناڪ ڪوشش آهي. اسرائيل جون توسيع پسنداڻيون ڪوششون خطي کي غيرمستحڪم ڪرڻ ۽ امن جي ڪنهن به بامعنيٰ رستي کي سبوتاز ڪرڻ جو ڄاڻي واڻي قدم آهن. ان اشتعال انگيزي سان پوري خطي ۾ تشدد جو تباهي آڻيندڙ سلسلو شروع ٿيڻ جو خطرو آهي. دنيا کي اهڙي منظم، غيرقانوني، غيرانساني ۽ غيرقانوني جارحيت آڏو خاموش نه رهڻ گهرجي. اهڙي طرح جا قدم عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر سان گڏوگڏ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي مختلف قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن. اسان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل کي ان جي غيرقانوني قدمن جو جوابده بڻائين ۽ مسجد اقصيٰ جي مذهبي تقدس ۽ فلسطيني عوام جي حقن خاص طور تي خودمختياري جي حق جي تحفظ جي لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار، آزاد، قابل عمل ۽ گڏيل متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.










