ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس ريل تي ڪو به حملو ناهي ٿيو: ريلوي ترجمان

اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ريلوي جي ترجمان چيو آهي، ته ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس ريل تي ڪو به حملو ناهي ٿيو، ريل حفاظت سان پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي آهي، پنهنجي وضاحتي بيان ۾ هن چيو ته ريل جي روانگي کان اڳ حفاظتي نگراني لاءِ هڪ پائليٽ انجڻ رواني ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت ڪالهه به نگراني لاءِ پائليٽ انجڻ موڪلي وئي، جنهن …

اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ريلوي جي ترجمان چيو آهي، ته ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس ريل تي ڪو به حملو ناهي ٿيو، ريل حفاظت سان پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي آهي، پنهنجي وضاحتي بيان ۾ هن چيو ته ريل جي روانگي کان اڳ حفاظتي نگراني لاءِ هڪ پائليٽ انجڻ رواني ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت ڪالهه به نگراني لاءِ پائليٽ انجڻ موڪلي وئي، جنهن تي تقريبن 10 بجي  3 گوليون هلايون ويون. هن چيو ته خطرو محسوس ٿيندي ئي ريل کي محفوظ هنڌ تي روڪيو ويو هو ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ ريل منزل طرف رواني ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سمورا مسافر محفوظ آهن ۽ پائليٽ انجڻ به حفاظت سان واپس پهچي چڪي آهي.

مزید خبریں