ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي واري وزير شاهد ٿهيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني صنعتي ۽ واپاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جيڪو پهرين آگسٽ 2025ع کان لاڳو ٿيندو. صوبائي وزير شاهد ٿهيم جو چوڻ آهي ته نيم مهارت رکندڙ پورهيتن جي ماهوار اجرت 41,380 رپيا، مهارت …
سنڌ حڪومت پاران پورهيتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري
ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي واري وزير شاهد ٿهيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني صنعتي ۽ واپاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جيڪو پهرين آگسٽ 2025ع کان لاڳو ٿيندو. صوبائي وزير شاهد ٿهيم جو چوڻ آهي ته نيم مهارت رکندڙ پورهيتن جي ماهوار اجرت 41,380 رپيا، مهارت رکندڙ م پورهيتن جي اجرت 49,628 رپيا ۽ انتهائي مهارت رکندڙ مزدورن جي اجرت پورهيتن رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل اجرت سڀني رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ صنعتي ۽ واپاري ادارن تي برابر لاڳو ٿيندي جڏهن ته مرد ۽ عورت مزدورن کي برابر بنيادن تي ادا ڪئي ويندي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اهڙا سڀئي ادارا جتي پورهيتن کي ڪلاڪ جي حساب سان اجرت ڏني ويندي آهي انهن کي يقيني بڻائڻو پوندو ته انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 192 رپيا في ڪلاڪ ادا ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت مزدور دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي ۽ مزدورن جي ڀلائي، منصفاڻي اجرت ۽ بهتر ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي طور تي قدم کڻي رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائڻ جو مقصد مهانگائي جي دٻاءُ کي گهٽائڻ ۽ مزدور طبقي کي باوقار زندگي فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ جو پورهئي وارو کاتو صنعتڪارن سان لڳاتار رابطي ۾ آهي ۽ ليبر قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو.











