ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) عالمي هيپاٽائٽس ڏھاڙي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي هر شهري کي معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هيپاٽائٽس خلاف جنگ ۾ سڀ کان اڳيان آهي ۽ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي مفت سڃاڻپ ۽ علاج جون سهولتون …
سنڌ حڪومت صوبي جي هر شهري کي معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) عالمي هيپاٽائٽس ڏھاڙي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي هر شهري کي معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هيپاٽائٽس خلاف جنگ ۾ سڀ کان اڳيان آهي ۽ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي مفت سڃاڻپ ۽ علاج جون سهولتون وڌايون پيون وڃن. وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته احتياطي قدم کڻن ۽ وقت سر علاج ڪرائين. هن پڪو ارادو ظاهر ڪيو ته سنڌ 2030 تائين هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ مقرر ٿيل عالمي صحت جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون جاري رکندو. مراد علي شاهه چيو ته صحت جي شعبي ۾ نمايان سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن سان سهڪار جاري آهي ته جيئن سنڌ کي هڪ صحتمند صوبو بڻائي سگهجي.











