تھران - 21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي شھر رشت جي ھڪ واپاري مرڪز ۾ موجود عمارت ۾ گيس جي زوردار ڌماڪي سبب گھٽ ۾ گھٽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق رشت جي فائر ڊيپارٽمينٽ جي سربراھه ٻڌايو ته بھونار اسٽريٽ ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ ٽي ڪمرشل يونٽس تباھه ٿي ويا آھن. ھن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيل سمورن ماڻھن کي طبي مرڪزن ۾ …
ايران ۾ واپاري مرڪز ۾ موجود عمارت ۾ گيس جو زوردار ڌماڪو، 18 ڄڻا زخمي

مزید خبریں
تھران – 21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي شھر رشت جي ھڪ واپاري مرڪز ۾ موجود عمارت ۾ گيس جي زوردار ڌماڪي سبب گھٽ ۾ گھٽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق رشت جي فائر ڊيپارٽمينٽ جي سربراھه ٻڌايو ته بھونار اسٽريٽ ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ ٽي ڪمرشل يونٽس تباھه ٿي ويا آھن. ھن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيل سمورن ماڻھن کي طبي مرڪزن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ملبو ھٽائڻ جون ڪارروائيون ختم ٿي چوڪيون آھن ۽ ڪو به جاني نقصان ناھي ٿيو.











