تهران -20 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي، ته طاقت ۽ ڏاڍ ذريعي ايران کي جائز حقن کان محروم رکڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آرمينيا جي وزيراعظم پاشنيان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي هن چيو ته ايران عالمي قانونن جي پاسداري ڪري ٿو انهي لاءِ هو پنهنجي ايٽمي اثاثن جي معائني تي فڪرمند ناهي، پر ايران ان ڳالهه تي زور ڀري …
ايران کي جائز حق کان محروم ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: صدر مسعود پزشڪيان

مزید خبریں
تهران -20 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي، ته طاقت ۽ ڏاڍ ذريعي ايران کي جائز حقن کان محروم رکڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آرمينيا جي وزيراعظم پاشنيان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي هن چيو ته ايران عالمي قانونن جي پاسداري ڪري ٿو انهي لاءِ هو پنهنجي ايٽمي اثاثن جي معائني تي فڪرمند ناهي، پر ايران ان ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته طاقت ۽ ڏاڍ جي استعمال ذريعي ايران کي جائز حق کان محروم ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته ايران ڪڏهن به جنگ جي خواهش نه ڪئي آهي، پر هميشه امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.











