سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ملهايو

سرينگر – 19 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين گذريل ڏينهن پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهايو ته ڄمون ڪشمير جي ڀارتي قبضي مان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر جي علائقي آبي گزر ۾ سردار محمد ابراهيم خان جي رهائش تي آل ڄمون ڪشمير …

سرينگر – 19 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين گذريل ڏينهن پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهايو ته ڄمون ڪشمير جي ڀارتي قبضي مان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر جي علائقي آبي گزر ۾ سردار محمد ابراهيم خان جي رهائش تي آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي تاريخي اجلاس ۾ متفقه خور تي پاڪستان سان ڄمون ڪشمير جي الحاق جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو، اهو ڄمون ۽ ڪشمير وچ ۾ گهري مذهبي، جغرافيائي ۽ تهذيبي رشتن جو عڪاس آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري بيان ۾ چيو ته عظيم آزادي پسند اڳواڻ سيد قاسم علي گيلاني شهيد جو نعرو اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسانجو آهي، ڪشميرين جي شڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، ڀارت جو ظلم سندن دلين مان پاڪستان جي محبت ناهي ڪڍي سگهيو ۽ انهن ان جي قبضي مان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق جي جدوجهد عزم ۽ همت سان جاري رکي آهي.