رياض – 19 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سندس آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ٽيليفونڪ رابطي ۾ شام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شهزاده فيصل بن فرحان شام تي اسرائيلي حملن ۽ سن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي مذمت ڪئي. هن شام جي خودمختياري ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ ۽ ان تي اسرائيلي …
سعودي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزيرن جو ٽيليفونڪ رابطو، شام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض – 19 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سندس آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ٽيليفونڪ رابطي ۾ شام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شهزاده فيصل بن فرحان شام تي اسرائيلي حملن ۽ سن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي مذمت ڪئي. هن شام جي خودمختياري ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ ۽ ان تي اسرائيلي حملا روڪڻ جي اهميت تي زور ڏنو. شامي حڪومت طرفان سيڪيورٽي ۽ ان جي سمورن علائقن ۾ قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ جي ڪوششن جي سپورٽ لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڏنو جنهن سان شام جي وحدت برقرار ۽ شهري امن قائم ٿي سگهي. سعودي پرڏيهي وزير شام جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي سپورٽ لاءِ آمريڪي ڪوششن کي به ساراهيو.











