تهران - 18 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته ايٽمي ڳالهين بابت فيصلا قومي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي حڪومتي ترجمان چيو آهي ته ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين جي شروعات يا انهن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو قومي مفادن جي بنياد تي ڪيو ويندو. هن اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ايران ۽ آمريڪا …
ايٽمي ڳالهين بابت فيصلا قومي مفادن جي بنياد تي ڪنداسين: ايران

مزید خبریں
تهران – 18 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته ايٽمي ڳالهين بابت فيصلا قومي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي حڪومتي ترجمان چيو آهي ته ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين جي شروعات يا انهن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو قومي مفادن جي بنياد تي ڪيو ويندو. هن اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ايٽمي ڳالهين ۾ ايران جي ميزائيلن جي دائري ڪار کي محدود ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. ترجمان چيو ته جيئن ته اڳ ۾ به اعلان ڪيو ويو آهي، هر قدم هاڻي پوءِ اهي ڳالهيون هجن يا ڳالهين جي ميز کان ڌار ٿيڻ، قومي مفادن جي روشني ۾ کنيا ويندا ۽ فيصلو انهن اصولن مطابق ڪيو ويندو جن تي ايران هن وقت تائين عمل ڪندو رهيو آهي.











