ڀارت پاران ايٽمي صلاحيت رکندڙ گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ پرٿوي – 2 ۽ اگني -1 ميزائلن جا تجربا، ڪاميابي جي دعويٰ

نئين دهلي-18 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت ايٽمي صلاحيت رکندڙ گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ پرٿوي -2 ۽ اگني -1 جي ڪامياب تجربي جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب تجربا خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات اڙيسه رياست جي علائقي چندي پور ۾ واقع انٽيگريٽڊ ٽيسٽ رينج (آءِ ٽي آر) ۾ ڪيا ويا. ڀارتي دفاعي وزارت موجب اهي تجربا اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي نگراني ۾ ڪيا ويا، گهٽ …

نئين دهلي-18 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت ايٽمي صلاحيت رکندڙ گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ پرٿوي -2 ۽ اگني -1 جي ڪامياب تجربي جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب تجربا خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات اڙيسه رياست جي علائقي چندي پور ۾ واقع انٽيگريٽڊ ٽيسٽ رينج (آءِ ٽي آر) ۾ ڪيا ويا. ڀارتي دفاعي وزارت موجب اهي تجربا اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي نگراني ۾ ڪيا ويا، گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائلن پرٿوي-2 ۽ اگني -1 کي 17 جولاءِ تي اڙيسه جي شهر چندي پور ۾ انٽيگريٽڊ ٽيسٽ رينج مان لانچ ڪيو ويو. انهن لانچز جي سموري عملي ۽ فني رخن جي ڪاميابي سان تصديق ڪئي وئي آهي. ڀارتي دفاع واري وزير ناٿ سنگهه ان ڪاميابي تي ڀارتي فوج، ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائزيشن (ڊي آر ڊي او) ۽ دفاع واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪيو. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ به ڀارت لداخ ۾ آڪاش پرائم ميزائل جو تجربو ڪيو هو. دفاع واري وزارت موجب هي جديد فضائي دفاعي ميزائل نظام 4500 ميٽر کان مٿي وارن علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. رپورٽ موجب پرٿوي-2 ميزائل جي رينج اٽڪل 350 ڪلوميٽر آهي ۽ هي 500 ڪلوگرام تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي ميزائل روايتي ۽ ايٽمي ٻنهي طرح جي وار هيڊ کڻي وڃڻ جي قابل