اسرندڙ ملڪن جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ وڌيڪ فنڊنگ جي ضرورت آهي: پاڪستان

گڏيل قومون-17 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن ۾ هدف نمبر 7 (ايس ڊي جي 7) جي حاصلات لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرندڙ ملڪن خاص طور تي قرضن جي فراهمي جي بحران جو منهن ڏسندڙ ملڪن لاءِ پنهنجي آبادي جي غير معمولي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فنڊنگ جي ضرورت آهي، پائيدار ترقياتي هدفن مان هدف نمبر 7 جو مقصد …

گڏيل قومون-17 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن ۾ هدف نمبر 7 (ايس ڊي جي 7) جي حاصلات لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرندڙ ملڪن خاص طور تي قرضن جي فراهمي جي بحران جو منهن ڏسندڙ ملڪن لاءِ پنهنجي آبادي جي غير معمولي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فنڊنگ جي ضرورت آهي، پائيدار ترقياتي هدفن مان هدف نمبر 7 جو مقصد سڀني لاءِ سستي ۽ صاف توانائي تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ايس ڊي جي 7 تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندڙ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جي پينل کي ٻڌايو ته جڏهن پاڪستان جي ڳالهه آئي ته اسان توانائي جي عالمي منتقلي جي فوري ضرورت ۽ موقعن ٻنهي تي ڳالهايون ٿا، پاڪستان گروپ آف فرينڊز آف سسٽين ايبل انرجي جو  شريڪ چيئرمين آهي،  جنهن جو ڌيان ايس ڊي جي 7 تي آهي جيڪو ان جي قومي ترقي جي ترجيحن ۽ وسيع تر عالمي ايجنڊا سان هم آهنگ آهي. اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي انتظام هيٺ رٿيل گڏيل قومن جو اعليٰ سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) ملڪن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جي) سميت ايس ڊي جي 7 طرف پنهنجي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪرڻ جو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته 2024ع ۾ پاڪستان ۾ اٽڪل 40 ملين ماڻهو بجلي جي پهچ کان محروم رهيا، هن چيو ته اسان پنهنجي گدلاڻ کان پاڪ توانائي جي عزم ۾ ثابت قدم آهيون ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان 2030ع تائين 60 سيڪڙو تجديد جوڳي توانائي جي طريقن سان بجلي حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي انرجي روڊ ميپ سان 13 گيگاواٽ نئين هائيڊرو پاور ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايٽمي توانائي قابل اعتماد، گهٽ ڪاربن بيس لوڊ پاور فراهم ڪري رهي آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان ۾ خاموش شمسي انقلاب به جاري آهي جيڪو گهٽ درآمدي ٽيرف، سستي ٽيڪنالاجي ۽ نيٽ ميٽرنگ جي پاليسين ذريعي ڪتب آندو پيو وڃي. هن چيو ته ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان کي به محدود مالياتي گنجائش سامهون آهي جنهن سان توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت محدود آهي، اسان جي توانائي جي منتقلي لاءِ 2030ع تائين 100 بلين ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي. هن چيو ته دنيا کي 2030ع تائين توانائي ۽ آبهوا جي هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ ساليانو 4.3 ٽريلين ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. ان باوجود هن منظرنامي ۾ اسرندڙ ملڪن لاءِ سرڪاري ماحول دوست توانائي جي مالي مدد صرف 21.6 بلين ڊالر آهي، جنهن ۾ ان ماليات جو 83 سيڪڙو حصو قرضن جي معاهدن تي ٻڌل آهي، ٻئي طرف صاف توانائي جي سيڙپڪاري ترقي يافته ۽ پختي اڀرندڙ مارڪيٽن لاءِ وڌيڪ آهي ۽ اسرندڙ ملڪ گهڻو ڪري پوئتي رهجي ويندا آهن. ان روشني ۾ پاڪستاني نمائندي چيو ته عالمي تعاون هڪ ٺوس فرق پيدا ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ اسرندڙ ملڪن لاءِ نه رڳو فنڊنگ کي وڌيڪ وڌائڻ شامل آهي پر نجي سيڙپڪار به تمام اهم آهن جيڪي في الحال گهٽ خطري ۽ وڌيڪ واپسي جي ترتيب ۾ تمام گهڻو آهي، اسان کي اسرندڙ ملڪن ۾ قابل عمل بئنڪاري جي منصوبن جي تياري، ڍانچي ۽ ڊليور ڪرڻ سان گڏوگڏ صاف توانائي جي سيڙپڪاري کي خطري کان بچائڻ لاءِ جديد طريقن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته توانائي جي مسئلن جي حل کي گڏيل فائدي لاءِ ڊزائين ڪرڻ گهرجي، جيئن ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) سان حصيداري ۾ 2200 کان وڌيڪ متاثر گهراڻن ۾ سولر ڪٽس ورهايون ويون هيون جيڪي نه رڳو بجلي تائين رسائي کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون پر چرپر ۾ به معاونت فراهم ڪن ٿيون ۽ بهتر صحت ۽ آبهوا لاءِ تعاون ڪن ٿيون.