ڀارت جو جنگي جنون، ڀارتي فوج پاران لداخ ۾ آڪاش پرائم ايئر ڊيفنس سسٽم جو تجربو، برازيل سسٽم کي غير تسلي بخش قرار ڏئي چڪو

ليھه - 17 جولاءِ (اي پي پي) ڀارتي فوج لداخ سيڪٽر ۾ 15 ھزار کان وڌيڪ فٽن جي اونچائي تي مقامي طور تي تيار ڪيل آڪاش پرائم ايئر ڊيفنس جو تجربو ڪيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اھو تجربو آرمي ايئر ڊيفنس، ڊيفنس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي سينئر اختيارين جي موجودگي ۾ ڪيو جن اھو نظام تيار ڪيو آھي. ڀارتي فوج تجربي جي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي چيو آھي …

ليھه – 17 جولاءِ (اي پي پي) ڀارتي فوج لداخ سيڪٽر ۾ 15 ھزار کان وڌيڪ فٽن جي اونچائي تي مقامي طور تي تيار ڪيل آڪاش پرائم ايئر ڊيفنس جو تجربو ڪيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اھو تجربو آرمي ايئر ڊيفنس، ڊيفنس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي سينئر اختيارين جي موجودگي ۾ ڪيو جن اھو نظام تيار ڪيو آھي. ڀارتي فوج تجربي جي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي چيو آھي ته زمين کان ھوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل انتھائي مٿاهين وارن علائقن ۾ ھدفن کي ڪاميابي سان نشاڻو بڻايو. آڪاش پرائيم ايئر ڊيفنس سسٽم تي ميزائلن کي 4500 ميٽرن تائين جي بلندي تي نصب ڪري سگھجي ٿو ۽ 30-25 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ھدف کي نشاڻو بڻائي سگھجي ٿو. ياد رھي ته ڪجھه ڏينھن اڳ خبر آئي ھئي ته ڀارت جي مقامي طور تيار ڪيل زمين کان ھوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل سسٽم ”آڪاش“ کي عالمي دفاعي مارڪيٽ ۾ وڏو جھٽڪو لڳو آھي ڇو ته برازيل ”آڪاش“ ميزائل جي خريداري جي حوالي سان ڀارت سان جاري ڳالھين کي في الحال روڪي ڇڏيو آھي. ميڊيا رپورٽس مطابق برازيل ميزائل جي ڪارڪردگي کي ڪجھه اھم آپريشنل پيرا ميٽرز ۾ غير تسلي بخش ڏٺو آھي. رپورٽس ۾ چيو ويو ھو ته برازيل ”آڪاش“ کي تيز رفتار ۽ گھٽ مٿي وارن ھدفن کي منھن ڏيڻ ۾ گھٽ اثرائتو ڏٺو آھي. اڄ جي ھائبرڊ جنگي منظر نامي ۾ جتي ڊرونز، ڪروز ميزائلن ۽ اسمارٽ بمن جي استعمال ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آھي، ان ۾ برازيل کي لڳي ٿو ته ”آڪاش“ موجوده خطرن کي منھن ڏيڻ ۾ پوري صلاحيت نه ٿو رکي.