مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان پاران وضاحتي بيان جاري

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته زيارت مئنجمينٽ پاليسي جي حوالي سان وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي اڱاري ڏينهن ٿيل پريس ڪانفرنس جي سلسلي ۾ اها وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته ايران، عراق ۽ شام جي مقدس ماڳن جون زيارتون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نجي قافلا سالارن ذريعي عمل ۾ آنديون وينديون …

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته زيارت مئنجمينٽ پاليسي جي حوالي سان وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي اڱاري ڏينهن ٿيل پريس ڪانفرنس جي سلسلي ۾ اها وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته ايران، عراق ۽ شام جي مقدس ماڳن جون زيارتون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نجي قافلا سالارن ذريعي عمل ۾ آنديون وينديون هيون، ان نظام ۾ زائرين جو انگ، اچ وڃ جو شيڊول ۽ زيارتون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپسي جا جامع انگن اکر نه هئڻ سبب ميزبان ملڪن ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان مختلف خدشن جو اظهار ڪيو ويندو هو، جنهن جو ذڪر وفاقي وزير سردار محمد يوسف پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو هو. جڏهن ته ماضيءَ ۾ واپس نه ايندڙ ماڻهن جو حتمي انگ ۽ وقت جي مدي جو تعين پُراڻي سسٽم تحت ممڪن نه هو، صرف هڪ اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ان سبب وفاقي ڪابينه کان منظور ٿيل زيارت مئنجمينٽ پاليسي تحت زائرين گروپ آرگنائيزر ZGOs جي رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي جلد ئي موجوده نجي سالارن جو نظام تبديل ٿي ويندو ۽ سموريون زيارتون مذهبي معاملن واري وزارت سان رجسٽرڊ ٿيل زائرين گروپ آرگنائيزر ذريعي هڪ مربوط نظام تحت عمل ۾ آنديون وينديون. ٻئي پاسي مقدس ماڳن جي زيارتن جي آڙ ۾ طئي ٿيل شيڊول کان هٽي ميزبان ملڪن ۾ غير قانوني قيام يا مبينه طور تي ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ وڃڻ جي ڪوششن جي روڪٿام ممڪن ٿيندي.