اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايڊمرل نويد اشرف معرڪه حق دوران پاڪ بحريه جي فتح نه ٿيڻ جوڳي سامونڊي دفاعي صلاحيتن، سامونڊي رستن تي واپار جي رواني ۽ بندرگاهن تي بنا رنڊڪ جي آپريشنز …
نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف جي صدارت هيٺ پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ سافٽ ڪانفرنس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايڊمرل نويد اشرف معرڪه حق دوران پاڪ بحريه جي فتح نه ٿيڻ جوڳي سامونڊي دفاعي صلاحيتن، سامونڊي رستن تي واپار جي رواني ۽ بندرگاهن تي بنا رنڊڪ جي آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي قدمن کي ساراهيو. نيول چيف ميري ٽائيم ڊومين ۾ امڪاني روايتي ۽ غير روايتي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگي تيارين کي برقرار رکڻ تي زور ڀريو. هن سامونڊي نگراني ۽ آپريشنز لاءِ ڊرونز، پاڻي هيٺان ۽ پاڻي مٿان هلندڙ پاڻمرادو ٻيڙين (بحري ڊرونز) جي اهميت تي زور ڀريو. ڪانفرنس ۾ نيول چيف جي سربراهي ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ فيلڊ ڪمانڊرز پاڪ بحريه جي پاليسين ۽ منصوبن جو جائزو ورتو.











