اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ ڪجهه گمراهه ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪندي سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ تازو اجلاس نتيجي وارو ناهي رهيو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان ٺوس فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ ڪجهه گمراهه ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪندي سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ تازو اجلاس نتيجي وارو ناهي رهيو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ٿيل ان اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان واضح ۽ ٺوس فيصلو ڪيو ويو، کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 روپيا في ڪلو گرام مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ريٽيل قيمت 173 کان 175 روپيا في ڪلوگرام کان وڌيڪ نه هوندي. ريٽيل قيمت بابت لاڳاپيل باضابطا نوٽيفڪيشن تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ جاري ڪيو ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ زور ڀريو ته سموريون صوبائي حڪومتون ان مقرر ريٽيل قيمت تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ته جيئن عوام کي رليف ڏئي سگهجي ۽ سڄي ملڪ ۾ قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکي سگهجي. وزارت صحافين جي مفادن جي تحفظ ۽ مارڪيٽ جي شفاف ۽ منصفاڻي طريقيڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي رابطي ۾ رهڻ جي عزم تي قائم آهي.











