شيان – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چين جي شهر شيان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ملڪن جي ٻئي ٽيليويزن فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري پاران مبارڪباد جو پيغام پڙهي ٻڌايو. پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان حڪومت ۽ پنهنجي پاران فيسٽيول …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان پاران شيان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ملڪن جي ٻئي ٽيليويزن فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت

مزید خبریں
شيان – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چين جي شهر شيان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ملڪن جي ٻئي ٽيليويزن فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري پاران مبارڪباد جو پيغام پڙهي ٻڌايو. پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان حڪومت ۽ پنهنجي پاران فيسٽيول جي ڪامياب انعقاد تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو متحرڪ قدم شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جو ثبوت آهي. اهو عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ، گڏيل ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي اظهار جي طاقتور ذريعي جي وسيلي گهڻ رخن تهذيبن ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم ۽ احترام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار رکندڙ آهي. هن چيو ته فيسٽيول جو موضوع ”شنگهائي اسپرٽ“ جي بنيادي اصولن سان هم آهنگ آهي جيڪو گڏيل اعتماد، مفاد، برابري، مشاورت، مُختلف قسمن جي ثقافتن جي احترام ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏي ٿو. اهو قدر هن تقريب ۾ واضح طور تي نظر اچي ٿو جيڪو اسان جي قومن جي گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏي ٿو. صدر پاڪستان جي پيغام ۾ چيو ويو ته شنگهائي تعاون تنظيم پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي جيڪا علائقائي امن، اقتصادي هم آهنگي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي مُختلف قسمن جي ڪميونٽيز جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، ثقافتي پذيرائي ۽ اعتماد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عوامي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. هن فيسٽيول کي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ تي منتظمين کي خراج تحسين پيش ڪيو.











