وزيراعظم پاران قلات ۾ مسافر بس تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڪراچي کان ڪوئيٽا ايندڙ مسافر بس تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …

اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڪراچي کان ڪوئيٽا ايندڙ مسافر بس تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن.