اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچڻ کي سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر قرار ڏيندي چيو آهي ته معاشي ترقي جي لاءِ اسان سڀ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اهي ڪامياب ٿينديون، هر ٻن مهينن کانپوءِ وزارتن جي ڪارڪردگي کي جانچيو ويندو، سٺي ڪارڪردگي جي مظاهري تي شاباس ۽ خراب ڪارڪردگي تي سخت ڪارروائي …
وزيراعظم پاران اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچڻ سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچڻ کي سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر قرار ڏيندي چيو آهي ته معاشي ترقي جي لاءِ اسان سڀ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اهي ڪامياب ٿينديون، هر ٻن مهينن کانپوءِ وزارتن جي ڪارڪردگي کي جانچيو ويندو، سٺي ڪارڪردگي جي مظاهري تي شاباس ۽ خراب ڪارڪردگي تي سخت ڪارروائي ٿيندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن جي پرامن انعقاد ۽ امن برقرار رکڻ جي لاءِ قدمن تي سڄي قوم، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ذميوارن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته سڀني جي ڪوششن ۽ محنت سان محرم الحرام پرامن رهيو، قومي وحدت، يڪجهتي، اتحاد ۽ اتفاق جي صورتحال اميد جوڳي آهي. وزيراعظم تازين برساتن دوران سوات ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اڳتي جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي هڪ جاندار ادارو رهي چڪو آهي. هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پي ڊي ايم ايز سان گڏجي اين ڊي ايم اي ضروري قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ تي تيزي سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. معاشي ترقي جي لاءِ سڀ گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله اسان جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت کي اقتدار سنڀاليندي سوا سال ٿي ويو آهي، هاڻي هر ٻن مهينن کانپوءِ وزارتن جي ڪارڪردگي کي جانچيو ويندو ۽ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جي ذميوارن کي شاباس ملندي ۽ جتي ڪوتاهي هوندي ان کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ضرورت پوڻ تي ڪارروائي به ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ڪارڪردگي ۽ معيار تي پورو لهندڙ اسان جي سر جا تاج هوندا پر جيڪي معيار تي پورو نه لهندا انهن جي لاءِ وڏو واضح پيغام آهي. وزيراعظم وفاقي وزير احسن اقبال جي وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پي ايس ڊي پي تحت هڪ ٽريلين کان وڌيڪ ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيا ويا آهن. احسن اقبال اسان کي خوشگوار حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اها اسان جي حڪومت جي بهترين ڪاميابي آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي به ان جي ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني.











