اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي)ڀارت جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار اجيت ڊوول آپريشن بنيان المرصوص ۾ شڪست کانپوءِ شرمندگي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب اجيٽ ڊوول جا هٿ ٺوڪيا بيان جاري ڪرڻ جي ڪوشش آپريشن سندور ۾ ناڪامي جي نشاني آهن، هو حقيقت کان منهن ڦيري بي جي پي جي هندو پرست ذهنيت وارا ڪوڙا بيان ڏئي رهيو آهي. اجيت ڊوول آپريشن سندور بابت …
آپريشن بنيان المرصوص ۾ شڪست کانپوءِ اجيت ڊوول پاران شرمندگي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي)ڀارت جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار اجيت ڊوول آپريشن بنيان المرصوص ۾ شڪست کانپوءِ شرمندگي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب اجيٽ ڊوول جا هٿ ٺوڪيا بيان جاري ڪرڻ جي ڪوشش آپريشن سندور ۾ ناڪامي جي نشاني آهن، هو حقيقت کان منهن ڦيري بي جي پي جي هندو پرست ذهنيت وارا ڪوڙا بيان ڏئي رهيو آهي. اجيت ڊوول آپريشن سندور بابت آءِ آءِ ٽي مدراس جي شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته توهان مون کي هڪ به تصوير يا ثبوت ڏيکاريو جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته ڪنهن ڀارتي عمارت کي نقصان پهتو آهي، حقيقت اها آهي ته ڀارت جي فوجي قيادت ڪيترائي ڀيرا ڀارتي جهازن جي تباهه ٿيڻ ۽ نقصانن جو اعتراف ڪري چڪي آهي. 11 مئي تي ايئر آپريشنز جي ڊائريڪٽر جنرل اعتراف ڪيو هو جنگ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ تائين اسان جي اڏامن جي صلاحيت متاثر رهي. جڏهن ته ڪجهه ٻيا ڀارتي عهديدار پڻ پاڪ ڀارت جنگ دوران ڀارت ۾ نقصان جو اعتراف ڪري چڪا آهن. اعليٰ ڀارتي فوجي آفيسرن پاران نقصان جا اعتراف ڀارت جي عسڪري ناڪامي جو واضح ثبوت آهن. آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستاني فوج ڀارتي فوجي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي دفاعي برتري ثابت ڪئي. پاڪستان ثابت ڪيو ته هو پنهنجي دفاع ۾ ڀارت ۾ ڪنهن به جاءِ تي جوابي حملي جي صلاحيت رکي ٿو. واضح رهي ته ڀارتي صلاحڪار پاران دنيا جي سڀ کان وڏي فوج بڻجڻ واري دعويٰ خطي کي جنگ ۾ ڌڪڻ واري بي جي پي جي ذهنيت جي عڪاسي آهي. ان قسم جا بيان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ واري سوچ ۽ ڀارت جي جنگي جنون کي بي نقاب ڪن ٿا.











