ڊونلڊ ٽرمپ پاران آمريڪا ۾ فٽبال جو نالو تبديل ڪرڻ بابت صدارتي حڪم نامو جاري ڪرڻ جو اعلان

نيوجرسي -16 جولاءِ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طنزيه انداز ۾ انڪشاف ڪيو آهي، ته هو هڪ صدارتي حڪمنامو جاري ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ آمريڪين کي ”ساڪر“ بدران فٽبال جو اصطلاح استعمال ڪرڻ تي زور ڀريو ويندو، جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿيندو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ نيوجرسي جي ميٽ لائيف اسٽيڊيم ۾ ڪلب ورلڊڪپ جي فائينل ۾ شرڪت کان پوءِ چيو ته هو هلندڙ هفتي باضابطا طور …

نيوجرسي -16 جولاءِ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طنزيه انداز ۾ انڪشاف ڪيو آهي، ته هو هڪ صدارتي حڪمنامو جاري ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ آمريڪين کي ”ساڪر“ بدران فٽبال جو اصطلاح استعمال ڪرڻ تي زور ڀريو ويندو، جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿيندو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ نيوجرسي جي ميٽ لائيف اسٽيڊيم ۾ ڪلب ورلڊڪپ جي فائينل ۾ شرڪت کان پوءِ چيو ته هو هلندڙ هفتي باضابطا طور تي نالي کي تبديل ڪري سگهي ٿو. ملڪ ۾ راند جو نالو تبديل ڪرڻ واري صدارتي حڪمنامو جاري ڪرڻ جي امڪان جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اهو تبديل ڪري سگهجي ٿو.

مزید خبریں