رياض -15 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه سان جده ۾ فلسطين جي مستقل نمائندي هادي شبلي ملاقات ڪئي ۽ اسرائيل طرفان انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين سبب علائقي جي بگڙجندڙ صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ مستقل نمائندي فلسطين جي بگڙجندڙ صورتحال، غزه ۾ وڌندڙ انساني بحران، اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فورسز طرفان جاري ڀڃڪڙين ۽ …
او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان فلسطين جي نمائندي جي ملاقات

مزید خبریں
رياض -15 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه سان جده ۾ فلسطين جي مستقل نمائندي هادي شبلي ملاقات ڪئي ۽ اسرائيل طرفان انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين سبب علائقي جي بگڙجندڙ صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ مستقل نمائندي فلسطين جي بگڙجندڙ صورتحال، غزه ۾ وڌندڙ انساني بحران، اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فورسز طرفان جاري ڀڃڪڙين ۽ ڏوهن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. اسرائيلي وزيرن ۽ اختيارين جي چڙ ڏياريندڙ بيانن، اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ واري منصوبي ۽ علائقي تي اسرائيلي خودمختياري جي دعويٰ بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. حسين ابراهيم طحه فوري ۽ گهڻي وقت واري جنگ بندي، غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي، فلسطينين لاءِ عالمي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ٻه رياستي حل جي سپورٽ لاءِ او آءِ سي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











