تهران-14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي درخواست تي زائرين جي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزيرن جي اهم ڪانفرنس تهران ۾ شروع ٿي وئي، ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي، ايراني گهرو وزير سڪندر مومني ۽ عراقي گهرو وزير عبدالامير الشمري شريڪ آهن. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايراني گهرو وزارت آمد تي …
پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزيرن جي اهم ڪانفرنس تهران ۾ شروع

مزید خبریں
تهران-14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي درخواست تي زائرين جي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزيرن جي اهم ڪانفرنس تهران ۾ شروع ٿي وئي، ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي، ايراني گهرو وزير سڪندر مومني ۽ عراقي گهرو وزير عبدالامير الشمري شريڪ آهن. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايراني گهرو وزارت آمد تي ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني، گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. پاڪستان جي درخواست تي پاڪستان، ايران ۽ عراق جي گهرو وزيرن جي اهم ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي آهي. ڪانفرنس ۾ زائرين ۽ بارڊر معاملن جي حل لاءِ موبوط قدمن تي غور ڪيو ويندو. ٽه ملڪي ڪانفرنس ۾ زائرين کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ايران جي نائب گهرو وزير علي اڪبر پور جمشيديان، ايراني گهرو وزير جي سينئر مشير، نادريار احمدي، گهرو وزارت پاڪستان جو سيڪريٽري خرم آغا ۽ عراقي گهرو وزارت جون اعليٰ اختياريون به اجلاس ۾ شريڪ آهن.











