حيدرآباد – 14 – جولائي (اي پي پي) سڄي سنڌ ۾ تيز طوفاني برسات سان ڪيترن ئي شهرن ۾ علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته مُختلف هنڌن تي جايُون، وڻ ۽ موبائيل فون جا ٽاور ڪرڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، سنڌ ۾ سانوڻي جي تيز طوفاني وسڪاري سان مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي، حيدرآباد، سکر، …
سڄي سنڌ ۾ تيز طوفاني برسات سان ڪيترن ئي شهرن ۾ علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، مُختلف هنڌن تي جايُون، وڻ ۽ موبائيل فون جا ٽاور ڪرڻ سبب وڏو نقصان، حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي

مزید خبریں
حيدرآباد – 14 – جولائي (اي پي پي) سڄي سنڌ ۾ تيز طوفاني برسات سان ڪيترن ئي شهرن ۾ علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته مُختلف هنڌن تي جايُون، وڻ ۽ موبائيل فون جا ٽاور ڪرڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، سنڌ ۾ سانوڻي جي تيز طوفاني وسڪاري سان مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي،

حيدرآباد، سکر، بدين، ڄامشورو، ٺٽو، ميرپُورخاص سميت مُختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ، گاڏي کاتو، سٽيزن ڪالوني، قاسم آباد، لطيف آباد جا ڪيترائي علائقا سخت متاثر ٿيا آهن، انڊر پاسز ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ جي ڪري ڪيتريُون ئي گاڏيُون پُڻ ڦاسي پيون، ٽمبر مارڪيٽ واري علائقي ۾ دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو نيڪ محمد فوت ٿي ويو جڏهن ته ناظم چانگ، روشن دائود پوٽو ۽ قيوم خان زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،

جڏهن ته ميرپُورخاص ۾ تيز طوفان سبب موبائيل جو ٽاور دُڪانن جي مٿان ڪري پيو جنهن سان بجلي جي تارن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان،ٿاڻو بولا خان، ڀان سيد آباد، سڪرنڊ سميت مُختلف شهرن ۾ برستا سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.











