وزيراعظم پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ ڊيجيٽائيزيشن ۽ ڪيش ليس اڪانومي جي مرحلن کي آسان بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ ڊيجيٽائيزيشن ۽ ڪيش ليس اڪانومي جي مرحلن کي آسان بڻايو وڃي، راست جي بورڊ آف گورنرز ۽ چيئرمين جي مقرري سيپٽمبر تائين مڪمل ڪئي وڃي، راست جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ معيشت ۽ ڪاروباري ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ ڊيجيٽائيزيشن ۽ ڪيش ليس اڪانومي جي مرحلن کي آسان بڻايو وڃي، راست جي بورڊ آف گورنرز ۽ چيئرمين جي مقرري سيپٽمبر تائين مڪمل ڪئي وڃي، راست جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ معيشت ۽ ڪاروباري ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل معيشت جي حوالي سان هفتيوار اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن سسٽم ۾ شفافيت آڻڻ جي حوالي سان حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت کان عوام ۽ عوام کان حڪومت جي ادائيگين جي طريقيڪار جي ڊيجيٽائيزيشن سان شفافيت ۽ صارفين جي لاءِ آساني پيدا ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ ڊيجيٽائيزيشن ۽ ڪيش ليس اڪانومي جي مرحلن کي آسان بڻايو وڃي، راست جي بورڊ آف گورنرز ۽ چيئرمين جي مقرري سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي، راست جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ معاشي ۽ ڪاروباري ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته سمورن رياستي ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) کي پڻ ڊيجيٽل نظام جي دائري ۾ آندو وڃي. وزيراعظم ڊيجيٽل معيشت طرف اڳڀرائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل معيشت کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته راست جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري جي حوالي سان اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، موبائيل فون ايپلي ڪيشنز ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ 95 ملين کان وڌي 120 ملين ڪيو ويندو، ڊيجيٽل ادائيگيون 7.5 بلين رپين کان وڌي 15 بلين رپين تائين ٿي وينديون، راست ۽ ڊيجيٽل ادائيگين جي حوالي سان ملڪ گير عوامي آگاهي مهم ايندڙ مهيني شروع ڪئي ويندي، ڊيجيٽل پيمنٽ ڊيوائسز تي درآمدگي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معيشت کي ترقي يافته ملڪن جي برابر ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهيني جي اندر ڊيجيٽل پيمنٽس انڊيڪس جاري ڪيو پيو وڃي، سي ڊي اي بورڊ اسلام آباد ۾ ڊيجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر جي رائيٽ آف وي جي منظوري ڏئي ڇڏي، مٽاسٽا جي ناڻي جي نظام کي پڻ ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي ۽ ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ سموري رقم بئنڪنگ جي نظام جي ذريعي ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل ادائيگين جي حوالي سان چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان پڻ حصيداري ڪئي پئي وڃي، اسلام آباد سٽي موبائيل فون ايپليڪيشن کي راست سان ڳنڍيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ پبلڪ واءِ فاءِ ۽ مخصوص جاين تي اي – لائبريريرز جو قيام ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب ڊيجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن پڻ ڪرائي ويندي، ان حوالي سان شروعاتي ڪم ڪيو پيووڃي، ڪيو آر ڪوڊز کي ادائيگي کي اهم طريقيڪار جي طور تي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ ريگيوليٽري ادارن کي ضروري هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي ڪيو آر ڪوڊ ۽ ڊيجيٽل ادائيگين ۽ ٻيا طريقيڪار استعمال ڪندڙ ڪمرشل پوائنٽس جو انگ 5 لک مان وڌائي 2 ملين ڪيو پيو وڃي، حڪومتي ادارن کان عوام ۽ عوام کان حڪومتي ادارن کي ٽيڪس ۽ نان – ٽيڪس ادائيگين جي نظام کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ راست نظام سان ڳنڍڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي سمورين وفاقي وزارتن، ڊويزنز، لاڳاپيل ادارن، ريگيوليٽري اٿارٽيز، صوبائي ادارن ۽ ضلعي حڪومتن سان مشاورت جو عمل جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ۽ وفاقي حڪومت کان صوبائي حڪومت جي ادائيگين جي سموري ڊيٽا مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ انهن سمورين ادائيگين کي سئو سيڪڙو ڊيجيٽل ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ مشاورت جاري آهي، ڪيش ليس اڪانومي کي لاڳو ڪرڻ جي پهرين مرحلي ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون، پينشنز ۽ ڪنٽريڪٽرز کان خريد ۽ وڪري جي ادائيگي مڪمل طور تي ڊيجيٽل طريقي سان ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں