اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهم شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ بنيادي ڍانچي، توانائي، پيٽروليم ۽ اقتصادي ترقي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس دوران نائب وزيراعظم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهم شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ بنيادي ڍانچي، توانائي، پيٽروليم ۽ اقتصادي ترقي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سيڙپڪارن کي ٺوس اقتصادي فائدن ۽ گڏيل خوشحالي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اداراجاتي هم آهنگي ۽ تيز رفتار عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قانون ۽ انصاف، پيٽروليم اينڊ فنانس وارن سيڪريٽريز، ايس اي سي پي جي چيئرمين ۽ ناڻي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.











