وزيراعظم پاران آسان ۽ قومي زبان اردو ۾ ٽيڪس گوشوارا خوش آئنده قرار

اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسان ۽ قومي زبان اردو ۾ ٽيڪس گوشوارن کي خوش آئنده قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان کي ڀرڻ جي عمل ۾ مدد جي لاءِ هيلپ لائين قائم ڪئي وڃي، ڊيجيٽل انوائسنگ پڻ اردو ۾ جاري ۽ ٽيڪس سڌارن ۾ عام ماڻهو جي سهولت تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسان ۽ قومي زبان اردو ۾ ٽيڪس گوشوارن کي خوش آئنده قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان کي ڀرڻ جي عمل ۾ مدد جي لاءِ هيلپ لائين قائم ڪئي وڃي، ڊيجيٽل انوائسنگ پڻ اردو ۾ جاري ۽ ٽيڪس سڌارن ۾ عام ماڻهو جي سهولت تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن، مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل نظام جي لاڳو ۽ ٻين سڌارن تي هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي سمورن سڌارن جي شفافيت جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي وڃي، عوام جي سهولت لاءِ ٽيڪس گوشوارن کي ڊيجيٽل، مختصر ۽ مرڪزي ڊيٽا بيس سان ڳنڍي آسان ترين بڻايو ويو آهي. هن چيو ته نئين آسان ٽيڪس گوشوارن سان پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٽيڪس گوشوارن (ريٽرنز) جي آساني جي حوالي سان عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو نئين نظام تحت گوشوارا جمع ڪرائين. هن چيو ته  ٽيڪس نظام جي سڌارن جا مثبت ثمر ناڻي واري وزير، معاشي ٽيم، ايف بي آر چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ٽيڪس بيس جو اضافو ۽ غريب ماڻهو تي ٽيڪس جي بار ۾ وڌيڪ گهٽتائي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مصنوعي ذهانت جي ذريعي ٽيڪس اسيسمنٽ جي نظام جو لاڳو وڏي ڪاميابي آهي، ايف بي آر جا قدم ساراهه جوڳا آهن. هن هدايت ڪئي ته ڊيجيٽل انوائسنگ جي نظام ۾ شموليت جي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي خصوصي سهولت ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊيجيٽل انوائسنگ، اي بلٽي، ٽيڪس گوشوارن کي آسان بڻائڻ، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل اسيسمنٽ سسٽم، سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪرڻ ۽ ڪارگو ٽريڪنگ سسٽم تي اڳڀرائي، ايف بي آر جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول يونٽ قائم ڪرڻ جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان جي لاءِ بڊنگ جلد مڪمل ڪري سيپٽمبر تائين ان کي مڪمل طور تي فعال ڪيو ويندو، ان سان نه رڳو مرڪزي ڊيٽا ميسر ٿيندي پر فيصلاسازي ۾ پڻ آساني ٿيندي، اجلاس کي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل اسيسمنٽ نظام تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سامونڊي جهازن جي اچڻ کان اڳ واپارين کي اڳواٽ گڊز ڊيڪلريشن ڀرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جنهن تحت اپ فرنٽ ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز تي مڪمل ڇوٽ ڏني ويندي، ان نظام جي لاڳو سان اڳواٽ گڊز ڊيڪلريشن 3 سيڪڙو کان وڌي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيڻ جي اميد آهي، اهڙي طرح ايڊوانس گڊز ڊيڪلريشن وارن ڪنٽينرن کي سامونڊي جهاز کان سڌو فيڪٽري پهچڻ جي سهولت ملندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل انوائسنگ جي ذريعي سمورا ننڍا ۽ وڏا ڪاروبار خريد ۽ وڪرو جي وقت ايف بي آر جي آن لائين نظام جي ذريعي رسيد جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا، ان نظام تحت ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ 20 هزار جي لڳ ڀڳ ڪاروبار نظام سان ڳنڍجي ويندا. رڳو هڪ مهيني جي دوران ان نظام تحت 11.6 ارب  رپين جون 8 هزار انوائسز جاري ٿيون، ان نظام ۾ ٽيڪس باقيدارن جو پورٽل ۽ ان جي نگراني جو ڊيش بورڊ شامل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرال (PRAL) تحت نظام سان ڳنڍڻ جي سهولت بنا ڪنهن لاڳت جي مفت فراهم ڪئي پئي وڃي، واپارين جي ان نظام جي حوالي سان تربيت يقيني بڻائي پئي وڃي، ان نظام جي مڪمل لاڳو کانپوءِ واپارين کي سيلز ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي ضرورت به نه رهندي ڇو ته هر خريداري ۽ وڪرو خودڪار طريقي سان نظام ۾ رڪارڊ ٿيندو ويندو،  ان کانسواءِ عالمي سطح تي لاڳو نظام سان هم آهنگ 8 ڊيجٽس تي ٻڌل مخصوص ايڇ ايس ڪوڊ فيڪ ۽ فلائنگ انوائسنگ جو خاتمو ڪندو ۽ ڊيجيٽل انوائسنگ جي ذريعي سيلز ٽيڪس نظام جي ڪارڪردگي جانچڻ وڌيڪ آسان ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪاروباري ماڻهن جا تربيتي سيشن پڻ منعقد ڪيا ويا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڊيجيٽل انوائسنگ جي سهولت اردو ۾ جلد جاري ڪئي وڃي. ٽيڪس گوشوارن کي ڊيجيٽل ۽ آسان بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 15 جولاءِ کان پگهاردار طبقي جي لاءِ اردو ٽيڪس گوشوارا 30 جولاءِ تائين ميسر هوندا. اجلاس کي نئين ۽ آسان ٽيڪس گوشواري کي ڀرڻ جي عمل تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان حوالي سان هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ ٿرڊ پارٽي عوامي سروي جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ڪارگو ٽريڪنگ سسٽم ۽ اي بلٽي جي نظام تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو، ٻڌايو ويو ته ان نظام تحت شين جي اچ وڃ جي ريئل ٽائم مانيٽرنگ ۽ انهن شين تي ٽيڪس ادائيگي جي نگراني هم آهنگ ٿيڻ سان گڏوگڏ مصنوعي ذهانت سان اسيسمنٽ ممڪن ٿيندي جنهن سان ٽيڪس انفورسمنٽ وڌيڪ موثر ۽ بهتر ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نظام جو پاڪستان ۾ لاڳو ۽ عالمي معيار يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترڪيه کان ان حوالي سان مدد ورتي پئي وڃي، تازو ئي وزيراعظم جي آذربائيجان جي دوري ۾ ترڪيه جي صدر سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ترڪ وفد پاڪستان پهچي ويو آهي ۽ ان نظام جي پاڪستان ۾ جلد جوڙجڪ ۽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفد سان مشاورت جاري آهي.