اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخي سطح عبور ڪرڻ ڪاروباري برادري جي ملڪي معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هڪ لک 35 هزار پوائنٽس جي بلند ترين سطح عبور ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخي سطح عبور ڪرڻ ڪاروباري برادري جي ملڪي معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخي سطح عبور ڪرڻ ڪاروباري برادري جي ملڪي معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو هڪ لک 35 هزار پوائنٽس جي بلند ترين سطح عبور ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخي سطح عبور ڪرڻ ڪاروباري برادري جي پاڪستاني معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي، تازا مثبت معاشي انگ اکر حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ هجڻ جا عڪاس آهن، ڪاروباري برادري کي ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهي آهي.












