گڏيل قومون-10 جون (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ ملڪ جي پهرين عورت ڪرڪيٽر بڻجڻ تي ثنا مير کي مبارڪون ڏيندي ان عمل کي ملڪ لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو آهي. هن اي پي پي جي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته راندين جي شوقينن ۽ ڪرڪيٽ جي مداح جي حيثيت سان مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته ثنا مير آءِ سي سي هال آف فيم ۾ جاءِ ٺاهي آهي. هن چيو ته ثنا مير پهرين به ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي ۽ سندس اها ڪاميابي پوري قوم لاءِ فخر جوڳي آهي. واضح رهي ته 2018ع ۾ ثنامير او ڊي آءِ، آءِ سي سي پليئر ريڪنگ ۾ ٽاپ تي پهچندڙ پهرين پاڪستاني عورت بڻي. هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽندڙ پهرين پاڪستاني عورت ڪرڪيٽر پڻ آهي ۽ هاڻي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي.