مظفر آباد -02 جون (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي، ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب حل نه ڪيو ويو ته ڏکڻ ايشيا تي جنگ جا ڪڪر ڇانيل رهندا. فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير طرفان ڪشمير مسئلي تي چٽو موقف واري ورجاءَ جي آجيان ڪندي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين …
آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق پاران فيلڊ مارشل جي موقف جي تائيد

مزید خبریں
مظفر آباد -02 جون (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي، ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب حل نه ڪيو ويو ته ڏکڻ ايشيا تي جنگ جا ڪڪر ڇانيل رهندا. فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير طرفان ڪشمير مسئلي تي چٽو موقف واري ورجاءَ جي آجيان ڪندي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون بند ڪري ۽ عالمي مبصرن کي والاريل ڪشمير اچڻ ڏئي. وزيراعظم انهن خيالن جو اظهار ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير جي شاخ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ڪنوينر غلام محمد صفي جي اڳواڻي ۾ ايوان وزيراعظم ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ پرويز شاهه، عبدالحميد لون، راجه خادم ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات دوران ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آپريشن بنيان المرصوص جي بي مثال ڪاميابي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن ڪشمير تي واضح موقف اختيار ڪرڻ ۽ ان جو ورجاءُ ڪرڻ تي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي به خراج تحسين پيش ڪيو. هن ڪشمير ۾ جاري رياستي دهشتگردي، ڪشميري مسلمانن جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ وارن ناپاڪ ڪوششن، غير رياستي رهواسين جي آبادڪاري، آزادي پسند ڪشميري عوام جي گهرن کي بارود سان اڏائڻ، ملڪيتن جي غيرقانوني ضبطگي ۽ پهلگام واقعي جي آڙ ۾ هزارين ڪشميري نوجوانن کي بنا جواز گرفتار ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر غلام محمد صفي وزيراعظم طرفان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ وارين ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي سرگرميون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون ته جيئن سڄي دنيا ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو حقيقي چهرو سڃاڻي سگهي ۽ ڪشميري عوام کي سندن خوداراديت وارو حق ڏياري سگهجي.











