پاڪستان ۽ افغانستان جو علائقائي رابطن لاءِ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (يو اي پي) ريلوي لائين منصوبي جي اهميت تي زور

اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان علائقائي رابطن لاءِ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (يو اي پي) ريلوي لائن منصوبي جي اهميت تي زور ڀريندي فريم ورڪ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آچر ڏينهن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير عامر خان متقي سان ٽيليفون …

اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان علائقائي رابطن لاءِ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان (يو اي پي) ريلوي لائن منصوبي جي اهميت تي زور ڀريندي فريم ورڪ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آچر ڏينهن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير عامر خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير امير خان متقي پاڪستان طرفان پنهنجي سفارتي لاڳاپن کي سفير جي سطح تائين وڌائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ ٻڌايو ته افغانستان به ان جو جواب ڏيڻ جوفيصلو ڪيو آهي. هن ان کي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ انتهائي هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن 19 اپريل 2025ع تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڪابل جي دوري دوران ڪيل فيصلن تي عمل درآمد جو به جائزو ورتو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. علائقائي رابطن لاءِ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي لائين منصوبي جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي اڳواڻن فريم ورڪ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں