اسلام آباد -31 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته شهيد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي دهشتگردن سان وڙهندي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو، قوم جون همدرديون سندس ڪٽنب سان آهن، پوري قوم ۽ سمورا رياستي ادارا دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، اهڙن بزدلاڻن …
شهيد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي دهشتگردن سان وڙهندي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد -31 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته شهيد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي دهشتگردن سان وڙهندي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو، قوم جون همدرديون سندس ڪٽنب سان آهن، پوري قوم ۽ سمورا رياستي ادارا دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، اهڙن بزدلاڻن حملن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهجن، ملڪ دشمن ڌرين کي انجام تائين پهچايو ويندو، سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان جي سوراب ضلعي ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن پاران سرڪاري آفيسرن جي گهرن تي حملا ۽ باهه ڏيڻ سميت بازار ۾ بئنڪ مان ڦرلٽ ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن پنهنجي علائقي جو دفاع ڪندي شهادت جو رتبو حاصل ڪندڙ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دهشتگردن سان وڙهندي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، قوم جون همدرديون سندس ڪٽنب سان گڏ آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشتگردي جي بزدلاڻين ڪارروائين ذريعي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته فتنه الهندوستان جهڙن عنصرن جو ڪنهن به مذهب، قوم يا انسانيت سان تعلق ناهي. هن چيو ته پوري قوم ۽ سمورا رياستي ادارا ان سفاڪ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن خلاف متحد آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. هن شهيد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ دعا ڪئي.











