اسلام آباد -31 مئي (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي تي پوري قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي، ته ارشد نديم جنهن جذبي، عزم ۽ محنت سان گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان جي جهنڊي کي سڄي دنيا ۾ مٿانهون ڪيو، اهو اسان جي نوجوانن لاءِ هڪ مثال آهي، انهن جي ڪاميابي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته جڏهن قوم …
وفاقي وزير احسن اقبال پاران ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي تي قوم کي واڌايون

مزید خبریں
اسلام آباد -31 مئي (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي تي پوري قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي، ته ارشد نديم جنهن جذبي، عزم ۽ محنت سان گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان جي جهنڊي کي سڄي دنيا ۾ مٿانهون ڪيو، اهو اسان جي نوجوانن لاءِ هڪ مثال آهي، انهن جي ڪاميابي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته جڏهن قوم جا پٽ دل سان ارادو ڪن ته دنيا جي ڪا به طاقت کين روڪي نٿي سگهي، وفاقي وزير چيو ته وزير جي حيثيت سان قوم جي هن قابل پٽ دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، ارشد نديم جي اها ڪاميابي اصل ۾ اڏام پاڪستان جي اها روح آهي، جنهن جو اسان خواب ڏسي رهيا آهيون، جتي هر پاڪستاني پنهنجي شعبن ۾ بلندين کي ڇهي ۽ ملڪ جي ترقي جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳيان هجي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي ريت ارشد نديم راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو اهڙي ريت اڏام پاڪستان ذريعي معيشت، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي ميدان ۾ ملڪ کي عروج جي رستي تي گامزن ڪري رهيا آهيون، اهو ئي اسان جو عزم آهي ۽ اهو ئي اسان جو واعدو آهي، اسان پاڪستان کي هر شعبي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي جي اڏام لاءِ پرعزم آهيون.











