اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان علائقائي واپار، اقتصادي سڌارن ۽ ڊجيٽل ترقي ذريعي پرڪشش سيڙپڪاري جي مرڪز طور اڀري رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ جي پنجين سالياني ريسرچ ڪانفرنس جي ٻي ڏهاڙي تي خطاب ڪندي ڪيو. هي ڪانفرنس يونيورسٽي آف سرگوڌا جي سهڪار سان منعقد ٿي جنهن ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ، پاڪستان سنگل ونڊو، علامه اقبال …
پاڪستان علائقائي واپار، اقتصادي سڌارن ۽ ڊجيٽل ترقي ذريعي پرڪشش سيڙپڪاري مرڪز طور اڀري رهيو آهي: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان علائقائي واپار، اقتصادي سڌارن ۽ ڊجيٽل ترقي ذريعي پرڪشش سيڙپڪاري جي مرڪز طور اڀري رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ جي پنجين سالياني ريسرچ ڪانفرنس جي ٻي ڏهاڙي تي خطاب ڪندي ڪيو. هي ڪانفرنس يونيورسٽي آف سرگوڌا جي سهڪار سان منعقد ٿي جنهن ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ، پاڪستان سنگل ونڊو، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپورٽ يونين، سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ ۽ ٻين عالمي ادارن شرڪت ڪئي. قيصر احمد شيخ چيو ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور سڌارا ڪري رهي آهي جن ۾ ريگوليٽري فريم ورڪ جي ڊجيٽلائيزيشن، شفافيت ۾ اضافو ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي شامل آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان بزنس پورٽل جهڙي پليٽ فارمز ذريعي ڪاروباري رجسٽريشن ۽ لائسنسنگ جي عمل کي آسان بڻايو پيو وڃي.هن چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽجي اٽڪل ٻڙي تي اچي وئي آهي جڏهن ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي چڪو آهي، جيڪو مستحڪم معاشي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير چين – پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) کي علائقائي انفرا اسٽرڪچر ۽ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن، چين ۽ نار رياستن وچ ۾ هڪ قدرتي پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي پليٽ فارم نه رڳو علائقائي تعاون کي هٿي ڏئي ٿو پر پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ هڪ قابل اعتماد ۽ جديد معيشت طور پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو.











