اسان ”اڏار پاڪستان“ ويزن تحت وچ ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ هڪ اهم واپاري ۽ لاجسٽڪ مرڪز بڻجڻ لاءِ پرعزم آهيون: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ”اُڏار پاڪستان“ ويزن تحت پائيدار ترقي، علائقائي رابطن، ڊجيٽل واپار ۽ سبز توانائي کي هٿي ڏيڻ ذريعي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ هڪ اهم واپاري ۽ لاجسٽڪ مرڪز بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن ڪاريڪ اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ منعقد پنجين سي اي آر اي سي انسٽيٽيوٽ …

اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ”اُڏار پاڪستان“ ويزن تحت پائيدار ترقي، علائقائي رابطن، ڊجيٽل واپار ۽ سبز توانائي کي هٿي ڏيڻ ذريعي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ هڪ اهم واپاري ۽ لاجسٽڪ مرڪز بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن ڪاريڪ اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ منعقد پنجين سي اي آر اي سي انسٽيٽيوٽ سالياني تحقيقي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس جو موضوع ”ڪاريڪ ڪنيڪٽيوٽي، واپار ۽ واپاري سهولت کي هٿي ڏيڻ“ هو، جنهن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي)، ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) ۽ يونيورسٽي آف سرگوڌا جي سهڪار سان اعليٰ سطحي نمائندن، معيشت جي ماهرن، اسڪالرز ۽ پاليسي سازن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته اڄ جو دورو ”علائقائي حقيقت پسندي“ جو آهي، جتي دنيا کي موسمياتي تبديلي، جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب جهڙا چئلينج درپيش آهن. اهڙي صورتحال ۾ وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون ملڪن کي پنهنجي گڏيل واپار ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي. وفاقي وزير ڌيان ڇڪرايو ته ڪاريڪ ملڪ (چين کانسواءِ) وچ ۾ گڏيل واپار صرف 7 سيڪڙو آهي، جڏهن ته آسيان ملڪن ۾ اها شرح 22 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اها گهٽتائي جاگرافيائي ناهي، پر اداره جاتي هم آهنگي جي کوٽ، ناقص لاجسٽڪس ۽ غير مربوط ضابطن جي ڪري آهي. هن مشهور معيشتدان پال ڪوليئر جو حوالو ڏيندي چيو ته اڏام پاڪستان ترقي جو نئون ويزن آهي، هن اڏام پاڪستان جي پنج ٿنڀن تي تفصيل سان روشني وڌي جنهن ۾ روانگي واپار، ترقي جو انجڻ، برابري ۽ بااختياري، سمورن طبقن جي شموليت، اي – پاڪستان ڊجيٽل انقلاب طرف اڳڀرائي، ماحولياتي، خوراڪ، پاڻي ۽ موسمياتي تحفظ ۽ توانائي ۽ انفرا اسٽرڪچر ۽ صنعتي ترقي جو ٻارڻ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار 3.5 ارب ڊالرن کان وڌي چڪي آهي ۽ ساليانو 20 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته 2.2 ملين نوجوانن کي ڊجيٽل مهارتن جي تربيت ڏني وئي آهي. وفاقي وزير پاڪستان سنگل ونڊو جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ڪسٽمز ڪليئرنس جو وقت 8 ڏينهن کان گهٽجي صرف 48ڪلاڪ رهجي ويو آهي ۽ هاڻي ان کي وچ ايشيائي راهدارين سان جوڙيو پيو وڃي ته جيئن پوري ڪاريڪ خطي ۾ ڊجيٽل واپار کي هٿي ڏئي سگهجي. ٽي آءِ آر ڪنوينشن تحت پاڪستان چين، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر وچ ۾ سوين ٽرڪن جي عالمي آمدرفت کي ممڪن بڻايو، جنهن سان لاڳت ۾ 30 سيڪڙو ۽ وقت ۾ 50 سيڪڙو تائين جي گهٽتائي آئي آهي. هن واضح ڪيو ته چين – پاڪستان اقتصادي راهداري هڪ علائقائي اثاثو آهي، جنهن ذريعي 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ روڊ تعمير ٿي چڪا آهن، 11 گيگا واٽ بجلي شامل ٿي چڪي آهي ۽ گوادر بندرگاهه کي هڪ علائقائي گيٽ وي بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو صنعتي تعاون ۽ خصوصي اقتصادي زونز تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڪاريڪ ملڪن کي پاڪستان جي ويليو چينز ۾ شامل هجڻ ۽ عالمي منڊي تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. وفاقي وزير توانائي کي خطي جي ترقي جي ڪرنگهي واري هڏي قرار ڏيندي ٻڌايو ته ڪاسا 1000- جهڙا منصوبا پاڪستان، افغانستان، ڪرغزستان ۽ تاجڪستان کي جوڙي رهيا آهن. هن ڪاريڪ گرين انرجي ڪوريڊور جي قيام جي تجويز ڏني ته جيئن اتر توانائي پيدا ڪندڙ ملڪن کي ڏکڻ صارفين سان جوڙي سگهجي. هن زور ڀريو ته ڊجيٽل معيشت جي اهميت هاڻي واپار جيتري ٿي چڪي آهي. اي – پاڪستان تحت سرڪاري خدمتن کي ڊجيٽل بڻايو پيو وڃي، فري لانسرز 2024ع ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي آمدني حاصل ڪئي، ريگوليٽري سينڊ باڪس ۽ اسٽارٽ اپ انوويشن جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن ڪارڪ ڊجيٽل ٽريڊ ڪوريڊور جي تجويز پڻ ڏني، جيڪو سمارٽ لاجسٽڪس، اي – ڪسٽمز ۽ ڊجيٽل سرٽيفڪيشن تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته خطي ۾ اعتماد سازي جو عمل تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سان شروع ٿيندو آهي، هن چيو ته تعليم جي معيارن کي هم آهنگ ڪيو وڃي، شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏني وڃي، پاليسي سازي ۾ تحقيق جو ڪردار وڌايو وڃي. پروفيسر احسن اقبال سمورن شريڪ ملڪن، ادارن ۽ پاليسي سازن تي زور ڀريو ته هو رڳو منصوبن تائين محدود نه رهن، پر عملدرآمد، هم آهنگي ۽ گڏيل قيادت کي ترجيح ڏين. هن چيو ته اچو ته اهڙو ڪاريڪ خطو بڻايون جيڪو رڳو ايشيا ۽ خدمت نه پر خواب، موقعا ۽ مستقبل کي پاڻ ۾ جوڙيندو هجي. پاڪستان جو عزم ورجائيندي هن چيو ته پاڪستان ڪاريڪ ويزن 2030ع کان مڪمل طور تي وابسته آهي ۽ خطي ۾ معاشي ترقي، پائيداري، ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. يونيورسٽي آف سرگوڌا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس چيو آهي ته ڪاريڪ نه رڳو وچ ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ اقتصادي ترقي جو پليٽ فارم آهي پر ان سان گڏيل دارومدار، پائيدار ترقي ۽ خطي جي خوشحالي کي هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستان ”اڏام پاڪستان“ ويزن تحت پائيدار ترقي، علائقائي رابطا، ڊجيٽل واپار ۽ سبز توانائي کي هٿي ڏيڻ ذريعي هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽي آف سرگوڌا نه رڳو پاڪستان پر پوري ڪاريڪ خطي لاءِ تحقيق، افرادي قوت جي تياري ۽ پاليسي سپورٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر قيصر عباس وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان هاڻي رڳو هڪ جاگرافيائي رستو ناهي پر هڪ فعال علائقائي حب طور اڀري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جو اڏام ويزن هڪ سادي پاليسي ناهي پر هڪ گهڻ رخو فريم ورڪ آهي، جيڪو روانگي واپار، برابري، ڊجيٽل انقلاب، ماحوليات ۽ توانائي کي گڏ ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار 3.5 ارب ڊالرن کان وڌي چڪو آهي ۽ ڊجيٽل مهارتن ذريعي لکين نوجوان خودمختيار بڻجي رهيا آهن، انهن قدمن سان پاڪستان نه رڳو اندروني طور مستحڪم ٿي رهيو آهي پر ڪاريڪ خطي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار بڻجي چڪو آهي. هن ڪانفرنس جي منتظمين، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، ڪاريڪ انسٽيٽيوٽ، پائيڊ ۽ ٻين حصيدارن جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته يونيورسٽي آف سرگوڌا مستقبل ۾ به اهڙن پليٽ فارمن تي پنهنجو تحقيقي ۽ فڪري ڪردار ادا ڪندي رهندي.