سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو، وقوف عرفه 5 جون، عيدالاضحيٰ جمعو 6 جون تي هوندي

مڪه مڪرمه-28 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو، پهرين ذوالحج مئي 28 مئي تي هوندي جڏهن ته حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه 5 جون تي هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب تمير رصدگاهه ۾ چند نظر اچڻ جي تصديق ڪئي وئي. جڏهن ته اهو اعلان سپريم ڪورٽ طرفان ڪيو ويو آهي. سعودي سپريم ڪورٽ طرفان گذريل ڏينهن ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي …

مڪه مڪرمه-28 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو، پهرين ذوالحج مئي 28 مئي تي هوندي جڏهن ته حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه 5 جون تي هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب تمير رصدگاهه ۾ چند نظر اچڻ جي تصديق ڪئي وئي. جڏهن ته اهو اعلان سپريم ڪورٽ طرفان ڪيو ويو آهي. سعودي سپريم ڪورٽ طرفان گذريل ڏينهن ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. سعودي عرب ۾ عيدالاضحيٰ جمعو 6 جون تي ملهائي ويندي.