پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان اعليٰ قدرن، امن ۽ انصاف جي لاءِ گڏ بيٺل آهن، ٽه ڌريو اجلاس اسان کي هڪ ٿي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

لاچين – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان اعليٰ قدرن، امن ۽ انصاف جي لاءِ گڏ بيٺل آهن، ٽه ڌريو اجلاس اسان کي هڪ ٿي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اسان امن جا خواهشمند آهيون ۽ ڀارت سان سمورا تڪرار ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه …

لاچين – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان اعليٰ قدرن، امن ۽ انصاف جي لاءِ گڏ بيٺل آهن، ٽه ڌريو اجلاس اسان کي هڪ ٿي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اسان امن جا خواهشمند آهيون ۽ ڀارت سان سمورا تڪرار ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ آذري عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، آذري قوم ڀرپور جدوجهد سان دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي پي ڪي ڪي جو مسئلو خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اها وڏي سفارتي ڪاميابي آهي، ان سان نه رڳو خطي پر ان کان ٻاهر به ترڪيه جي اثررسوخ ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان ۾ ڀرپور استقبال ۽ ميزباني تي صدر الهام عليوف جو شڪرگذار آهيان، اڄ جو اجلاس ٽن حقيقي دوست ملڪن جي خلوص جو مظهر آهي، اسان جي دل خوشي سان لبريز آهي، گذريل سال مئي ۾ آستانه ۾ ٽه ڌريو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گڏيل مفاد جي شعبن تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، اڄ اسان ان ٽه ڌريي حصيداري کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا جيڪا اسان جي عوام جي خواهشن موجب آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه گهري تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ڏهاڪا پراڻا گڏيل قدر رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهيون، پوءِ ڀلي اهو ڪاراباخ، ڪشمير ۽ اتر ترڪيه قبرص جو مسئلو هجي، اسان جي يڪجهتي ۽ گڏيل احترام اسان جي طاقت آهي، اها قدرتي ڳالهه آهي ڇو ته اسان جي عوام ان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي ۽ ان جو اظهار ترڪيه ۽ آذربائيجان جي لاءِ محبت سان ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته تازو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ڀارت نام نهاد پهلگام واقعي بابت پاڪستان جي خلاف ڪي به ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پر اسان جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته دنيا کي هٿياربند تڪرارن، موسمياتي تبديلين، بيمارين ۽ معاشي بحران سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ان ڏس ۾ هي ٽي مثالي ملڪ هتي گڏ ٿيا آهن، اسان همدرديءَ جي اميد رکون ٿا ۽ تڪرارن کي رد ڪريون ٿا، اسان پراميد آهيون ته صبر ۽ تحمل ۽ دانشمندي سان امن ۽ خوشحالي ايندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غيرمتوقع ۽ غيرمستحڪم دنيا ۾ سياسي استحڪام جي تعمير، هم آهنگي جو فروغ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز نئين حقيقتن کي جنم ڏئي رهيون آهن، موجوده صورتحال ۾ ٻه ڀائر ملڪ ترڪيه ۽ آذربائيجان اسان گڏ بيٺل آهن جيڪا خوشقستي جي ڳالهه آهي، اسان ان تي بنا ڪنهن هٻڪ جي اعتماد ڪريون ٿا، اتحاد، امن، انصاف ۽ اخلاقيات جي لاءِ اسان جا دروازا سدائين کليل آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جا آزمايل لاڳاپا نه رڳو اسان جي پنهنجي عوام پر خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪارائتا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته هي ٽي ڌريو اجلاس اسان سڀني جي لاءِ وقت سر ۽ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان اسان کي ضروري سياسي عزم ۽ مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي. وزيراعظم چيو ته تازو پاڪ ڀارت تڪرار سنگين هو، ڀارت پاڪستان جي خلاف بنا جواز جارحيت ڪئي ۽ پاڪستان تي حملو ڪيو، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي ۽ اڻٿڪ حمايت جو مظاهرو ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي ۽ ان تي آئون، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام سندن ٿورائتي آهي، اسان سدائين انهن ٻنهي ملڪن جا شڪرگذار رهنداسين. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هٿياربند فوج جي قيادت ڪئي، هن بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ اعليٰ ترين پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو، پوري پاڪستاني قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل هئي، اهو بي خوف، نڊر ۽ مضبوط عزم جو صبر ۽ تحمل سان اظهار هو جنهن جي ذريعي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪيو ويو، الله تعاليٰ جي فضل، پاڪستاني عوام ۽ دوست ملڪن جي حمايت سان اسان فتح حاصل ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا ۽ سدائين امن جا خواهشمند رهنداسين، ان جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي ۽ فوري ڌيان طلب تڪرارن جهڙوڪ والاريل ڪشمير جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل، پاڻي جو مسئلو، بدقسمتي سان ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهو پاڪستاني عوام جي لاءِ زندگي جو معاملو آهي، 24 ڪروڙ عوام ان پاڻي کي زراعت سميت ٻين مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري ٿي، اها بدقسمتي آهي ته ڀارت اسان جي دريائن ۾ وهندڙ پاڻي کي روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، اهو ڪڏهن به ممڪن نه آهي ۽ نه ئي ٿيندو، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ته ڀارت ڪڏهن به ائين نه ڪري سگهندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڀارت مخلص ٿي دهشتگردي جي خاتمي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو ته پاڪستان ڀارت سان ان معاملي تي به ڳالهين جي لاءِ تيار آهي، اسان دنيا ۾ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا آهن، 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو آهي، ان لعنت کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ان کان وڏي عزم جو ڪو مثال نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان ڀارت سان واپار جي فروغ سميت سمورن ضروري مسئلن تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں