پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان پرامن مقصد جي لاءِ ايران جي ائٽمي سول پروگرام جي حمايت ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

تهران - 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، خطي ۾ امن جي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان پاڻي جي مسئلي، ڪشمير تڪرار ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون، پاڪستان پرامن مقصد جي لاءِ ايران جي ائٽمي …

تهران – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، خطي ۾ امن جي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان پاڻي جي مسئلي، ڪشمير تڪرار ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون، پاڪستان پرامن مقصد جي لاءِ ايران جي ائٽمي سول پروگرام جي حمايت ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڀائر ملڪ ايران جو دورو ڪري دلي خوشي ٿي، ايران اسان جو ٻيو گهر آهي، پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي ڀرپور ۽ گرمجوش استقبال تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان تعميري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ٻنهي ڀائر ۽ پاڙيسري ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان مختلف شعبن ۾ انهن لاڳاپن کي تعميري تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان ڪجهه ڏينهن اڳ ننڍي کنڊ ۾ اڀرندڙ صورتحال ۽ مشڪل گهڙيءَ ۾ ٽيليفون ڪري يڪجهتي جو اظهار ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو، پاڪستاني عوام جي لاءِ سندس خدشن ۽ ڀائراڻي احساسن تي ٿورائتو آهيان. هن ان بحران کي وڌيڪ ڇڪتاڻ ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ روڪڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي بهترين سفارتڪار آهي، سندس پاڪستان جي دوري دوران تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ اسان جي هٿياربند فوج جي بهادراڻي ڪارروائي ۽ پاڪستاني عوام جي پنهنجي هٿياربند فوج جي مُڪمل حمايت سان اسان ان بحران ۾ فاتح بڻياسين، اسان امن جا خواهشمند آهيون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي خطي ۾ امن جي لاءِ ڪم ڪنداسين، ڪشمير تڪرار سميت سمورن تڪرارن جا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جا خواهشمند آهيون، ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي، 1954ع ۾ ڀارتي لوڪ سڀا ۾ آنجهاني وزيراعظم جواهر لعل نهرو ڄمون ۽ ڪسمير جي عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو، اسان امن جي لاءِ پاڙيسرين سان پاڻي جي تڪرار، واپار جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي، جيڪڏهن جارحيت جو رستو اختيار ڪيو ويو ته پوءِ اسان پنهنجي ملڪ ۽ علائقائي سالميت جو دفاع ڪنداسين جهڙي طرح ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ڪيو، جيڪڏهن انهن امن جي آڇ قبول ڪئي ته اسان حقيقت ۾ ۽ سنجيدگي سان ڏيکارينداسين ته اسان سچ ۾ امن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته غزه جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، اسان جي مذمت ڪريون ٿا، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، عالمي برادري کي خطي ۾ فوري ۽ پائيدار جنگبندي جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ايران ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڀائر عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان سول ۽ پرامن ائٽمي پروگرام جي لاءِ ايران جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ان حوالي سان مستقبل ۾ ويجهي مشاورت جاري رهندي. ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان چيو ته پاڪستان ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايران اچڻ جي آجيان ڪريون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، او آءِ سي جي پليٽ فارم تي ٻنهي ملڪن جو موقف هڪ جهڙو آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي ۽ خوشحالي امن سان ممڪن آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياست، معيشت ۽ عالمي لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت ٻطرفو ويجهو تعاون ضروري آهي، ايران ۽ پاڪستان فلسطيني ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪن ٿا، فلسطين ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ تي عالمي برادري جي خاموشي سواليه نشان آهي.

مزید خبریں