ڪوئٽا -21 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته خضدار ۾ اسڪول بس کي نشانو بڻائڻ انسانيت تي حملو آهي. ڀارت رياستي پاليسي طور دهشتگردي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ مير سرفراز بگٽي چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ پنهنجن ايجنٽن ذريعي دهشتگردي ڦهلائي رهيو آهي، پاڪستان پاران جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان پوءِ ڀارت هن قسم جا بزدلاڻا …
خضدار ۾ اسڪول بس کي نشانو بڻائڻ انسانيت تي حملو آهي: بلوچستان جو وڏو وزير

مزید خبریں
ڪوئٽا -21 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته خضدار ۾ اسڪول بس کي نشانو بڻائڻ انسانيت تي حملو آهي. ڀارت رياستي پاليسي طور دهشتگردي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ مير سرفراز بگٽي چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ پنهنجن ايجنٽن ذريعي دهشتگردي ڦهلائي رهيو آهي، پاڪستان پاران جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان پوءِ ڀارت هن قسم جا بزدلاڻا حملا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اسان ڀارت جو اصل چهرو دنيا سامهون بي نقاب ڪنداسين. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين، پاڪستاني قوم ۽ فوج ڀارتي سازشن خلاف متحد آهي. هن چيو ته نرم هدف تي حملو ڀارت جي اخلاقي ڪمظرفي کي ظاهر ڪري ٿو.











