سعودي ڪابينا جو اجلاس، شاهه سلمان پاران آمريڪي صدر جي دوري جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار

ر ياض -21 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سعودي عرب جي دوري جي نتيجن جي تعريف ڪندي ان کي ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي اسٽريٽجڪ ۽ معاشي شعبن ۾ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو. سعودي ڪابينا جو اجلاس گذريل ڏينهن جده ۾ شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ شاهه سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ …

ر ياض -21 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سعودي عرب جي دوري جي نتيجن جي تعريف ڪندي ان کي ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي اسٽريٽجڪ ۽ معاشي شعبن ۾ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو. سعودي ڪابينا جو اجلاس گذريل ڏينهن جده ۾ شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ شاهه سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو سعودي عرب جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن صدر ٽرمپ ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٿيل ڳالهين جي تعريف ڪئي ۽ ان کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ لاڀائتو قرار ڏنو. اطلاعات کاتي جي وقتي وزير ۽ شوريٰ ڪائونسل جي معاملن جي ڪابينا ميمبر، ڊاڪٽر عصام بن سعد اجلاس کان پوءِ چيو ته ڪابينا نار آمريڪي ڪانفرنس ۾ ولي عهد جي تقرير جي تعريف ڪئي، جنهن ۾ گڏيل سهڪار کي تيز ڪرڻ، برادر ۽ دوست ملڪن سان ترقي جي حوالي سان مملڪت جي موقف تي ڌيان ڏيندي خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۽ تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي تعاون تي زور ڀريو ويو. ڪابينا جمهوريه شام تي پابنديون هٽائڻ لاءِ ولي عهد جي ڪوششن تي آمريڪي صدر جي مثبت جواب جي تعريف ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پابنديون هٽائڻ سان برادر ملڪ لاءِ نئين سر اڏاوت ۽ ترقي جو رستو کلندو. اجلاس ۾ عرب ليگ جي 34 هين اجلاس ۾ مملڪت پاران فلسطينين کي جبري بي گھر ٿيڻ جي ڪنهن به امڪان کي رد ڪرڻ جي مملڪت جي فيصلي جي تعريف ڪئي وئي. ڪابينا شاهه سلمان رليف سينٽر جي قيام جا ڏهه سال مڪمل ٿيڻ تي ڪاميابين کي ساراهيو، جنهن جي ذريعي 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ لکين ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪئي وئي آهي. ڪابينا ٽن عالمي ڪمپنين جي مملڪت ۾ آٽو انڊسٽري قائم ڪرڻ جي معاهدي جي آجيان ڪئي، ان کي مملڪت جي اقتصادي ۽ صنعتي مستقبل لاءِ هڪ بهترين قدم قرار ڏنو. ڪابينا آءِ ايس اي ايف 2025 ايوارڊ حاصل ڪندڙ باصلاحيت سعودي شاگردن کي انهن جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي مملڪت پاران تعليم جي شعبي تي خاص ڌيان جو مظهر قرار ڏنو. اجلاس ۾ مقرر ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو. ان کانسواءِ مختلف ملڪن وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحيون ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.